اسلام آباد
رحمان ملڪ کي گھرو وزارت جو مشير مقرر ڪيو ويو، نوٽيفيڪيشن جاري
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي طرفان رحمان ملڪ جي ٻٽي شھريت جي ڪيس ۾ سينيٽ جي رڪنيت معطل ٿيڻ بعد رحمان ملڪ گھرو وزير نه رھيو ھيو رحمان ملڪ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي، جنھن کان پوءِ رحمان ملڪ کي گھرووزارت جي مشير جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد گھرو وزير پنھنجي گھر ۽ گاڏي تان پاڪستان جو جھنڊو لاھڻ سان گڏوگڏ سيڪيورٽي، پروٽوڪول به واپس ڪري ڇڏيو ھيو، ھن جو چوڻ ھئو ته ھو سپريم ڪورٽ جي فيصلي احترام ڪري ٿو ۽ تفصيلي فيصلي تائين گھرو وزير طور ڪم نه ڪندو