پير جو ڳوٺ

پير جو ڳوٺ: ذوالفقار آباد رٿا ڪنهن به صورت ۾ منظور ناھي، جسقم

JSQM Protestپير جو ڳوٺ (رپورٽر): پيرڳوٺ ۾ جسقم پاران ذوالفقار آباد رٿا ۽ جسقم ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي جنرل بس اسٽينڊ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي جسقم ضلعي صدر امجد مهيسر، علي عثمان ميمڻ، مير حسن بوزدار، بشير مهيسر، نعيم انصاري، ابوبڪر راشدي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي جسقم ڪارڪنن جو چوڻ هو ته ذوالفقار آباد رٿا ڪنهن به صورت ۾ منظور نه آهي جنهنکي جلد بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيون ويندو هنن چيو ته سنڌ اندر جسقم ڪارڪن ٽارگيٽ ٿي رهيا آهن جن سان زيادتيون ۽ ناانصافيون ٿيڻ سان گڏ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن جيڪي مذمت جوڳيون آهن هنن چيو ته ذوالفقار آباد رٿا بند ڪرڻ سان گڏ جسقم ڪارڪنن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button