مختصر خبرون

خيرپور ۾ پوليو مھم 4 جون کان شروع پئي ٿئي

خيرپور: صحت کاتي خيرپور جي ضلعي عملدار ڊاڪٽر ڪئپٽن احسان الله سيال ڄاڻايو آهي ته پوليو جي خاتمي جي سلسلي ۾ پنجن سالن جي عمر تائين جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ٽن ڏينهن واري مهم جون 04 کان جون 06، 2012 تائين جاري رهندي جڏهن ته ان سلسلي ۾ جون 03، 2012 بروز ڇنڇر ڏينهن صبح جو ڏهين وڳي صحت جي بنيادي مرڪز (بي ايڇ يو) ڪولاب جيئل تعلقي ڪنگري ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ اهڙي مهم ٻارن کي پوليو جا ڦُڙا پياري افتتاح ڪندو جڏهن ته صحت کاتي، روٽري انٽرنيشنل، يونيسڪو ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پاران پوليو مهم جي حوالي سان هڪ آگاهي واڪ پڻ ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button