مختصر خبرون

حڪومت سنڌين کي بک بدامني ، مهانگائي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، آصف علي شاهه

ٺري ميرواهه: مسلم ليگ ن ضلع خيرپور جي اڳواڻ پير آف راڻيپور سيد آصف علي شاهه جيلاني ٺري ميرواهه پهچي چيو آهي ته حڪومت سنڌين کي بک بدامني ، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي هاڻي سنڌ سان مذاق برداشت نه ڪئي ويندي ، هن وڌيڪ چيو ته حڪمران اتحادين سان گڏجي کربين روپين جي ڪرپشن ڪري عوام جا پئسا ڦريا آهن ، هن وڌيڪ چيو ته بدامني سبب سج لٿي کان پوءِ خيرپور ضلعي جا روڊ ڏوهارين جي حوالي ٿي وڃن ٿا ، ضلعي اندر امن نالي ڪابه شي نه آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button