مختصر خبرون

جتوئي، ڪلوڙ ۽ ناريجا تڪرار جو نبيرو اڄ راڻيپور ۾ ٿيندو

پير جو ڳوٺ (رپورٽر) ڪنگري جي ڪچي ۾ 22 کان وڌيڪ جانيون ڳڙڪائيندڙ جتوئي، ڪلوڙ ۽ ناريجا تڪرار جو نبيرو اڄ راڻيپور ۾ ٿيندو، رپورٽ موجب، ڪنگري جي ڪچي جھلي ڪلواڙي ۽ فيض محمد ٻنڊو واري علائقي ۾ جتوئي، ڪلوڙ ۽ ناريجا برادري جي ڌرين ۾ 4 هزار ايڪڙ زمين جي مالڪي تان هلندڙ خوني تڪرار جنهن ۾ 22 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن جو فيصلوڇنڇر ڏينهن راڻيپور ۾ پير آف راڻيپور سيد بگن شاهه ۽ سيد ڀورل شاهه جي سرپئنچي هيٺ ٿيندو جڏهن ته ناريجا ۽ ڪلوڙ ڌر پاران سردار غوث بخش خان مهر ۽ سردار همٿ علي خان ڪماريو مشير طور شرڪت ڪندا. جڏهن ته جتوئي برادري پاران ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ مير عابد حسين خان جتوئي طور شرڪت ڪندا. هوڏانهن فيصلي جون تياريون توڙي اتنظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته جھيڙيندڙ ڌرين ۾ 4 هزار ايڪڙ زمين جي مالڪي تان خوني تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ 22 کان وڌيڪ قميتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ سان گڏ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن ۽ علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button