ڪراچي

تعليم جي شعبي ۾ ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو: پير مظهر الحق

Pir Mazharڪراچي : تعليم ۽ خوانگي واري سينيئر صوبائي وزير پير مظهر الحق چيو آهي ته تعليم جي شعبي ۾ ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪنداسين. 1400 بند اسڪول کولرايا آهن. استادن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ پهرين مرحلي ۾ 19 هزار استاد ۽ ٻي مرحلي ۾ 8 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ تعليم جي بهتري ۾ استاد جي ڪردار تي ڪوٺايل سيمينار جي صدارت جي موقعي تي خطاب دوران چئي. هن چيو ته هر سال والدين پنهنجي ٻار کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ چاهين ٿا. حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هو سڀني کي تعليم جا موقعا فراهم ڪري. صوبائي وزير چيو ته ميڊيا تعليم کاتي جي سٺن ڪمن کي اجاگر ڪري. استادن کي سندن جائز مقام ڏيارڻ لاءِ سنڌ جو تعليم وارو کاتو ڪوشان آهي. سموري سنڌ جي ڏيڍ لک استادن جي عزت سندس عزت آهي. صوبائي وزير چيو ته تعليم تي هر شخص ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، پر جڏهن به سنجيده سوچ ويچار جو موقعو ايندو آهي ته ماڻهو خاميون ڳولڻ ۾ لڳي ويندا آهن. هن چيو ته ان قسم جي سيمينار جي بندوبست جو مقصد هڪ ٻي جي خيالن کان آگاهي ۽ مسئلن جو حل ڳولڻ آهي. هن چيو ته سٺن استادن جي فراهمي لاءِ سنڌ جو تعليم وارو کاتو ٽيچرز ايجوڪيشن ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. متحده قومي موومينٽ، اي اين پي ۽ ٻين اتحادي جماعتن جي تعاون سان اسان اهليت جي بنياد تي استاد ڀرتي ڪيا آهن. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ اصلاح ۾ سنڌ سمورن صوبن کان اڳتي آهي. سيمينار کي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙو خطاب ڪندي چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ترقي کانسواءِ معاشي ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهجي. شهيد بينظير ڀٽو به پاڪستان کي تعليم يافته ملڪ جي صورت ۾ ڏسڻ پئي چاهيو ۽ تعليم جي ترقي کي خاص اهميت ڏيندي هئي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جو ڪم ذيلي ادارن جي ڪارڪردگي کي مانيٽر ڪرڻ آهي ۽ سنڌ اسيمبلي گذريل چئن سالن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. سيمينار کي نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير فيصل سبزواري، بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر آر اي شاهه، ڊاڪٽر عبدالوهاب، انوار احمد زئي، انچارج سيڪريٽري تعليم رياض ميمڻ، نذير احمد لغاري، محمود شام ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button