سکر

تعليم جي بهتريءَ جي لاءِ والدين۽ ڪميونٽي جي گڏيل تعاون سان هڪ موثر ڪردار ادا ڪرڻو آهي، مهتاب اڪبر راشدي

Mehtab Akber Rashdi
مھتاب اڪبر راشدي، فائل ڦوٽو
سکر: چيف آف پارٽي ٽيچرس ريسورس سينٽر سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام محترمه مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته سنڌ جي 8 مختلف ضلعن ۾ تعليم جي بهتري ءَ جي لاءِ سنڌايجوڪيشن پروگرام جي شروعات سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ تحفو آهي. هن اهڙو اظهار سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جي سکر ۽ خير پور ضلعن ۾ شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل افتتاحي تقريب ۽ ورڪشاپ کي سرڪٽ هائوس سکر ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تعليم جي بهتريءَ جي لاءِ والدين۽ ڪميونٽي جي گڏيل تعاون سان هڪ موثر ڪردار ادا ڪرڻو آهي ۽ استادن کي پنهنجي قابليتن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته دنيا اندر جديد دورجي مناسبت سان تعليم کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نوان نوان تجربا ۽ تحقيقات ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ٻار الله تعالي جي نعمت آهن پيءُ ماءُ پنهنجو قيمتي کان قيمتي سرمايو پنهجي ٻار جي تربيت خاطر استاد حوالي اهو سوچي ڪن ٿا ته هو ان کي اهو ڪجهه سيکاريندا جيڪو هو بذات خود پاڻ نٿا ڪري سگهن ٻارن جي بنيادي تعليم جي حوالي سان هن ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن بنياد سٺو آهي ته عمارت ڪافي مضبوط هوندي اڄ اهڙي قدم جو بنياد رکڻ لاءِ سکر خيرپورکان شروعات ڪيون پيا. بعد ۾ آئي ايم ايم اي پي، جي چيف آف پارٽي ايليڪس لوگاڊرو پروگرام متعلق بريفنگ ڏيندي چيو ته منصوبي ۾ شامل ضلعن جن ۾ ، خير پور سکر ، ڪشمور ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبر، شهداد ڪوٽ، دادو۽ ڪراچي جي اهڙن علائقن ۾ جتي ساڳي هنڌ هڪ کان وڌيڪ سرڪاري اسڪول موجود آهن انهن کي ملائي هڪ اهڙو ماڊل اسڪول تيار ڪرڻ جو منصوبو آهي جتي ٻارن لاءِ راند جو ميدان، مسجد، ليبارٽري ۽ ٻيون اهم سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ استادن جي قابليتن جي اضافي لاءِ کين مختلف تربيتي ڪورسز ڪرايا ويندا بعد ۾ يو ايس ايڊ جي ايجوڪيشن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ذوالفقار شاهه خطاب ڪندي چيو ته اسان ڄاڻايل ضلعن ۾ موثر تعليم ۽ سهولتن سان 200 اهڙا ماڊل اسڪول تيار ڪري رهيا آهيون جن جي مشاهدي کان بعد والدين کي پنهنجي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي ضرورت محسوس ڪونه ٿيندي هن ٻڌايو ته يو ايس ايڊ کان علاوه پي ايم آئي يو، گورنمينٽ آف سنڌ، آئي ايم ايم اي پي ، هالڪرو پاڪستان جو گڏيل تعاون حاصل آهي جڏهن ته بعد ۾ هالڪرو جي نمائندي مسٽر سهيل،ٽيچرز ريسورسز سينٽر جي ثمينه ملڪ، ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن سکر جئه رام داس پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. جڏهن ته ورڪشاپ ۾ ڊي اوز ۽ مختلف اسڪولن جي استادن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button