مختصر خبرون

تعليمي ادارن مان ڪاپي جو خاتمو آڻي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، زاهد قربان علوي

Zakat Cheque Photoخيرپور:چيئرمين سنڌ زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي چيو آهي ته تعليم ادارن سان قوم جو مستقبل وابسته آهي جڏهن ته سرڪاري تعليمي ادارن مان ڪاپي جو خاتمو آڻي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ معياري تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد ۾ ئي محنتي ۽ هوشيار شاگرد ملڪ، صوبي ۽ پنهنجي لاڳاپيل علائقي جي خدمت ڪري سگهندا. هن اهڙو اظهار گورنمينٽ ڪاليج فار وومين خيرپور ۽ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ ضلعي زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي خيرپور پاران غريب، هوشيار ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اسڪالرشپ چيڪن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تعليم کاتي جي بجيٽ سرڪاري اسڪولن جي تعليم جي معيار جي بهتري لاءِ خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن مان ڪاپي ڪلچر جي خاتموآڻي شاگردن ۽ شاگردياڻين ملڪ جو ذميوار شهري بڻائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي زڪوات کاتي پاران سرڪاري مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين اسڪالرشپ جي صورت ۾ هڪ ننڍڙو تحفو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اسپتالن ۾ پڻ زڪوات ڪاميٽي پاران غريب ۽ بي سهارا مريضن جي مفت علاج لاءِ مالي سهڪار پڻ ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي تقريب کي زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي خيرپور جي چيئرمين فقير شير علي ڏيٿو، پيپلز پارٽي خيرپور سٽي جنرل سيڪريٽري غلام حُسين مغل، زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي حيدرآباد جو چيئرمين شير محمد پيرزادو، ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول جو هيڊ ماستر نثار احمد ميمڻ، وومين ڪاليج جي پرنسپال ميڊم پروين ڦلپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ چيئرمين سنڌ زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي پاران خيرپور تعلقي جي 12 مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ 621 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 15 لک 54 هزار 9 سئو روپين جي ماليت جا چيڪ ورهايا ويا. ان موقعي تي جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي پاران غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال خيرپور، سٽي اسپتال خيرپور، ليڊي ولنگٽن اسپتال خيرپور ۾ غريب مريضن جي مالي سهائتا لاءِ زڪوات ڪائونٽرس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ٽو ڪئپٽن انوار الحق ، اي ڊي او هليٿ ڪئپٽن ڊاڪٽر احسان الله سيال ، سول سرجن ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي، ڊاڪٽر مُراد خميساڻي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. جڏهن جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي کي ڊي سي خيرپور محمد عباس بلوچ سنڌ حڪومت ۽ خاص طور تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران خيرپور ضلعي جي عوام جي صحت ، تعليم ۽ معاشي بهتري لاءِ ورتل ڪوششن کان آگاهي ڏني. بعد ۾ جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي خيرپور جو تاريخي ورثي فيض محل، درگاهه لونگ فقير ۽ ٻين جاين جو پڻ معائنو ڪيو. ان موقعي تي زڪوات ڪاميٽي خيرپور جا عملدار ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button