ترقي پسند پارٽي پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس جو گهراءُ، ٻه ڪلاڪ طويل ڌرڻو
فهيم ڀٽي ،ٽنڊو محمد خان
ترقي پسند پارٽي پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس جو گهراءُ، ٻه ڪلاڪ طويل ڌرڻو، اڄ کان دستخطي مهم شروع، تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان سيد برڪات رضوي جي مبينه ڪرپشن خلاف ترقي پسند پارٽي پاران اعلانيل جدوجهد جي ٻي مرحلي ۾ ضلعي صدر رضا خاصخيلي. سارنگ شاهه، منظور سومرو، اقبال حاجاڻو ، ايس ٽي پي ناري تحريڪ جي ضلعي صدر ثمينه خاصخلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي اسٽيشن کان ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ريلي ۾ شامل سوين ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينرز هئا جن تي ڊپٽي ڪمشنر خلاف نعرا درج ٿيل هئا، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گذريل سال جي برساتن ۾ ڊپٽي ڪمشنر برڪات رضوي جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري ٽنڊو محمد خان ٻڏي ويو هو ۽ ڪيترائي مهينا شهري توڙي ٻهراڙي وارا علائقا ٻڏل رهيا هئا ۽ ضلعي جي ڊرينيج ۽ بيوٽيفڪيشن جا آيل پنج ڪروڙ روپيه حڪمران ڌر سان گڏجي هڙپ ڪري ويو آهي، جنهن سبب ضلعي جو ساڍا ست لک عوام برساتي پاڻي جي عذاب هيٺ رهيو ۽ هاڻي به موسميات کاتي موجب موجوده سال به خطرناڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي باوجود ضلعي انتظاميه شهر لاءِ ڪا به چر پر نه ڪئي. هنن وڌيڪ چيو ته ٽنڊو محمد خان جو ايس پي پنهنجي بدلي روڪرائي هڪ دفعو ٻيهر ٽنڊو محمد خان کي بد امني ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ٽنڊو محمد خان ۾ هن وقت بدامني عروج تي پهتل آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ ضلعي انتظاميه مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي. هنن اعلان ڪيو ته ڇنڇر (اڄ) کان ڊپٽي ڪمشنر خلاف جدو جهد جو ٽيون مرحلو شروع ڪيو پيو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر جي ڪرپشن خلاف شهر مان تاجران ، وڪيلن، صحافين، سول سوسائيتي جي اهم ۽ سڄاڻ ماڻهن کان صحيحون وٺي سندس خلاف سپريم ڪورٽ کي موڪليون وينديون، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ کي نوٽس وٺڻ جي اپيل ڪئي هنن اعلان ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر جي بدلي ۽ سندس ڪيل ڪرپشن جي جانچ تائين جدوجهد جاري رهندي.