بجيٽ لفظن جي ھير ڦير آھي، جمعيت علماءِ اسلام
سکر(بيورورپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري اطلاعات اسلم غوريءَ چيو آهي ته حڪومت جيڪو 5 بجيٽ پيش ڪيو آهي اهو الفاظن جي هير ڦير آهي. حڪومت عوام کي صرف تسلي ڏني آهي. اصل بجيٽ ته بجيٽ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اچي چڪي آهي. جنهن ۾ کاڌي، پيتي جي شين جي قيمتون هڪ دم25 وڌائي ويون آهن. هن چيو ته عوام کي مهانگائي، لوڊشيڊنگ، بيروزگاري جهيڙي مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انهن جو بجيٽ جي اعداد ۽ شمار سان ڪوئي تعلق نه آهي حڪومت کي چيو ته سڄي سال بجليءَ جي قيمتن ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي. جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويندو آهي. ڪهڙي بجيٽ جي تحت وڌايا ويندا آهن ۽ ڇا سي اين جي تي ٽيڪس هڻي ڪري قيمتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. انهن جا اثر ڊائريڪٽر عوام ته نه پوندا. هن چيو ته پوئين سال کان نوان نوٽ ڇاپيا پيا وڃن. هن چيو ته ملڪ جي اقتصادي حالت تي جيڪي اثرات مرتب ٿيا آهن اهي ڪنهن کان به لڪيل ڪونه آهن. حڪومت ان ڳالهه جي گارنٽي ڏيئي ته ايندڙ سال کان هو نوان نوٽ نه ڇاپيندي. هن چيو ته اها سٺي ڳالهه آهيءَ ته آءِ ايم ايف کان ڪو به قرضو نه ورتو پر حڪومت ٻڌائڻ کان ڇو شرمائي رهي آهي. ۽ آءِ ايم ايف هن حڪومت کي قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.