اين سي ايڇ ڊي ملازمن جو پڪو نه ڪرڻ خلاف مظاھرو
رپورٽ :فهيم ڀٽي ، ٽنڊومحمد خان
اين سي ايڇ ڊي ملازمن پا ران پڪو نه ڪرڻ خلاف مير غلام علي ٽالپر پارڪ تان هڪ وڏي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف رستن تان گذرندي وفاقي وزير سيد نويد قمر جي ٽنڊو محمد خان واري آفيس تي پهتي جتي ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو،ڌرڻي ۾ وڌي تعداد ۾ ملازمن،اين جي اوز نيٽ ورڪ،يونائيٽڊ اين جي اوز نيٽ ورڪ، پ ٽ الف،گسٽا،پاڪستان هيومن رائٽس فورم،شاگردن ،شاگردياڻين ۽ عورتن سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي،ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ بينرز۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي نعرا لکيل هئا،ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ملازم اڳواڻن غلام نبي زئنور، واجد نوتڪاڻي ،منصور لغاري ، بهادر ڀرڳري، مير ڪاشف ٽالپر، ۽ ٻين چيو ته اين سي ايڇ ڊي 2003 کان وٺي سنڌ جي جهر جنگ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هن اداري کي مستقل نه ڪرڻ ڪري هزارين ملازم ذهني پريشاني جو شڪار آهن ۽ هن اداري جي بند ٿيڻ سان لکين شاگرد ۽ شاگردياڻيون مستقبل داءُ تي لڳل آهي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي پ ٽ الف اڳواڻ اڪرم ميمڻ چيو ته اين سي ايڇ ڊي اداري جي ملازمن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن،۽ اين سي ايڇ ڊي جا استاد گهٽ اجوري تي تمام گهڻي محنت ڪن ٿا، ان موقعي تي اڳواڻن صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ،فريال ٽالپر ۽ اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اين سي ايڇ ڊي اداري کي مسقل ڪري هزارن ملازمن کي بيروزگاري جي دلدل کان بچايو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.