ڪراچي

انجنيئر ۽ ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ کان ٽن سالن جي ٻارڙي جي موت تي جواب طلب ڪري ورتو

Karachiڪراچي صوبائي محتسب اسد اشرف ملڪ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ايم ڊي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کان ٽن سالن جي ٻارڙي جي موت تي فوري طور رپورٽ طلبي ورتي آهي. تفصيل مطابق مقامي اخبار ۾ ڇپيل خبر مطابق شرافي ڳوٺ ضلعي ملير روڊ جي تعمير دوران هيوي مشينري جي استعمال جي ڪري سيوريج لائن ۾ هول جو ڍڪ ٽٽي ويو هو، جنهن جي مرمت جو ڪم لاڳاپيل ادارن جي ذميواري هئي جيڪو ادا نه ڪيو ويو، لاڳاپيل ادارن جي غفلت ۽ لاپرواهي جي ڪري ٽن سالن جو ٻارڙو گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو. جنهن تي محتسب اعليٰ سنڌ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي ٽن سالن جي ٻارڙي جي موت تي فوري جواب طلبي ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button