سکر

ارسلان افتخار جو فيصلوجج ڪندا، پي پي جو ڪو تعلق ناھي، خورشيد احمد شاهه

Khursheed Shahسکر(بيورورپورٽ)وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ارسلان افتخار جي معاملي تي ڪاٻي راءِ قائم نه ڪري رهيا آهيون ان تي اسان نه پر جج صاحبان فيصلو ڪندا جن ماڻهن اهو معامرو اٿاريو آهي انهن جو ڪڏهن به پيپلز پارٽي سان ڪوبه تعلق ناهي رهيو بلڪو کين جڏهن به موقعو مليو آهي انهن پ پ تي حملو ڪيو آهي سکر ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان انتقام جي سياست نه پيا ڪريون جيڪڏهن ڪيون ها ته ميان نواز شريف ۽ اعجازالحق کي معاف نه ڪيون ها هن چيو ته ٻٽي شهريت جا رڳو پ پ ۾ نه بلڪه ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جا ماڻهو به آهن اهو معامروگذريل 8 اليڪشنن ۾ ڇو نه کنيو ويوهن وقت موجوده ملڪي حالتن ۾ معامرو کڻڻ نقصانڪار ثابت ٿيندو هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي رولنگ کي عدالت ۾ وٺي وڃڻ غلط آهي اهي ماڻهو جيڪو ٻٽو اسٽينڊر رکن ٿا انهن کي پارليامينٽ ۾ اٿارڻ کپي ها ڪالمن ۾ به انهيءَ معامرن کي اٿاريو ويو آهي هن چيو ته بلدياتي چونڊون سيپٽمبر۾ ڪرئڻ جون ڪوششون هلي رهيون آهن جنهن تي ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون جاري آهن جيئن جيئن چونڊون ويجهيون ٿينديون آهن گرمي وڌڻ سان الزام تراشيون به تيز ٿينديون آهن اسان ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش نه ٿا ڪريون هن چيو ته موجوده حڪومت صاف شفاف چونڊون ڪرائيندي جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خودمختيار بڻايو ويو آهي ووٽر لسٽون به ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيون ويون آهن جنهن ڪري ساڍا ٽي ڪروڙ جعلي ووٽ پڻ خارج ڪيا وياآهن هن چيو ته موجوده حڪومت پنهنجي وقت ۾ تاريخي ڪم ڪيا آهن پارليامينٽ پهريون ڀيرو هڪ سئو 3 بل پاس ڪيا آهن ٻن سالن ۾ صوبائي خودمختياري سبب صوبن کي 9 سئو ارب روپيا مليا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button