ٽنڊو محمد خان

آصف زرداري جي موجودگي ۾ ملڪ جي شفاف چونڊون ٿيڻ ناممڪن آهن ، عمران خان

رپورٽ :فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
Imran Khanتحريڪ انصاف جي مرڪزي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز ليگ سان ٺاهه جو سوال ئي نٿو پيدا ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته موجوده خرابي جو ذميوار نواز شريف اوترو ئي آهي جيترو آصف زرداري آهي، جماعت اسلامي سان اليڪشني اتحاد ٿي سگهي ٿو، اهڙي خيالن جو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ عبدالهادي عرف شينهن نظاماڻي ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته نواز شريف حڪومتي وهنوار ۾ ٽي سال گڏ رهيو ٽن سالن کانپوءِ پاڪستان جو غريب عوام کيس ياد آيو، هن چيو ته آصف زرداري جي موجودگي ۾ ملڪ جي شفاف چونڊون ٿيڻ ناممڪن آهن ڇاڪاڻ ته هو صدارت سان گڏ پ پ جو چيئرمين به آهي هن چيو ته وزيراعظم جي حيثيت صرف ۽ صرف آصف زرداري جي ملازم واري آهي ۽ هو آصف زرداري جي ڪرپشن کي تحفظ ڏيندو، هن چيو ته راجا پرويز اشرف اصل ۾ راجا رينٽل آهي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ رينٽل پاور بابت ڪيس هلي رهيو آهي جنهن ۾ چار سؤ ارب روپين جي ڪرپشن آهي ۽ موجوده وزيراعظم ان سڄي ڪم جو اهم مُهرو آهي ، هن چيو ته سنڌ جا سياستدان امير ۽ عوام غريب آهي بلوچستان جون حالتون ڪنهن کان به ڳجهون نه آهن ان ڪري تحريڪ انصاف سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نئي سياست متعارف ڪرائي رهي آهي ۽ ٻنهي صوبن لاءِ خاص پروگرام سان ميدان ۾ لٿي آهي ۽ عوام اسان کي ڀرپور موٽ ڏيئي رهيو آهي صرف اسان ئي ڪوئيٽيا ۾ جلسو ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته آصف زرداري ايندڙ اليڪشن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي وري پنج سالن تائين عوام کي لٽڻ جو سوچي رهيو آهي هن چيو ته هن حڪومت جو مدو مارچ ۾ پورو ٿي رهيو آهي پر مارچ کان اڳ گهڻو ڪجهه ٿي ويندو ، اڃا ميمو گيٽ اسڪينڊل سامهون اچڻ وارو آهي، هن چيو ته 12 مئي ۽ 22 مئي وارا واقعا وڏا واقعا هئا انهن واقعن جي تحريڪ انصاف سخت مذمت ڪري ٿي، ان موقعي تي پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر عبدالهادي عرف شينهن نظاماڻي پ پ کي الوداع چئي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي صوبائي صدر نادر اڪمل لغاري، اقبال نظاماڻي، سليم بلوچ ۽ ٻيا موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button