شاعرشهدادڪوٽفن ۽ فنڪار

ڌرتي ڌڻين جي ڏکن کي لکڻ عبادت آھي، ناشاد رشيد

ضمير کرل ڊسٽرڪٽ رپورٽر قمبر شهدادڪوٽ
shahdadkot nashad rashid saan rehaan 1شهدادڪوٽ ۾ ڀلوڙ شاعر ناشاد رشيد سنڌي سان رهاڻ رچائي وئي، نئين آس ميگزين سٿ پاران مقامي مين پرائمري اسڪول ۾ ناليواري شاعر ناشاد رشيد سنڌي سان رهاڻ رچائي وئي، جنهن ۾مختلف شهرن مان آيل اديبن ،شاعرن سميت شهرين شرڪت ڪئي،ان موقعي تي محفل جي صدر پروفيسر گل محمد شاهه ۽ ٻين مهمانن ڀائو در محمد ٻرڙو، ڪوڙل قربدار،فضل حسين حيدري، عبدالله شاهه، رشيد خانواهي ،مرتضى لغاري،ايم يونس جمالي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄ سنڌ جنهن لاڙي تي اچي بيٺي آهي ان جي رخ مٽڻ لاءِ مزاحمتي شاعرن جي گهرج آهي، نه ڪي درٻاري شاعرن جي ، ناشاد رشيد انهن شاعرن جي صف ۾ شامل آهي جيڪي مرشد لطيف جو دڳ وٺي لکن ٿا، سندن چوڻ هو ته ناشاد رشيد سنڌي قومي، مزاحمتي شاعر آهي، سندس شاعري ۾ ڌرتي جو حسن ڌرتي ڌڻين جا ڏک شامل آهن، سنڌي قوم اهڙن شاعرن تي فخر ڪري ٿي، صاحبِ رهاڻ شاعر ناشاد رشيد سنڌي چيو ته هو ڌرتي ڌڻين جي ڏکن کي لکڻ عبادت سمجهي ٿو. رهاڻ دوران مشاعري جي محفل ۾ فدا سيلري، اڪبر کرل، نصرالله بروهي، علي گل گاڏهي سميت ٻين ڪيترن ئي شاعرن ۽ سگهڙن پنهنجو تخيَل پيش ڪري خوب داد ماڻيو، آخر ۾ مشهور راڳي رضاسومري سُر آلاپي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button