چونڊيل نمائندا انسان ئي نه ٿا سمجھن، معذور جي دانھن
11 جون ، 2012آخري ڀيرو ايڊيٽ ٿيل 11 جون ، 2012
0 ھڪ منٽ جو مطالعو
فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان معذورن جي بک ھڙتالمعذورن جي بک هڙتال اٺين ڏينهن به جاري، ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي عملدار لڙي نه آيو، تفصيل موجب صوبائي سرڪار پاران نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه پاران معذورن کي امداد نه ڏيڻ خلاف معذور ايڪشن ڪاميٽي پاران مسلسل 08هين ڏينهن به حافظ سرفراز منگي، ممتاز پرهياڙ ، عبدالواحد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه ميونسپل آفيس سامهون شاميانو هڻي علامتي بک هڙتال جاري رکي، معذور اڳوا ڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي بک هڙتال کي اٺ ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي عملدار لڙي نه آيو آهي ۽ هو اسان کي انسان ئي ڪو نه ٿا سمجهن هنن الزام هنيو ته سنڌ حڪومت پاران نوڪرين واري ڪوٽا تي عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ نوڪريون من پسند ماڻهن کي ڏنيون وڃن پيون ۽ اسان کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو وڃي ۽ ضلعي انتظاميه به معذورن لاءِ رکيل بجيٽ من پسند ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿي . هنن مطالبو ڪيو ته نوڪرين واري ڪوٽا تي شفاف طريقي سان عمل ڪيو وڃي ۽ ضلعي ۾ امدادي رقم به اصل حقدارن حوالي ڪئي وڃي.