شهدادڪوٽ

پيپلز پارٽي وارن جا ڏينھن ٿورا بچيا آھن، مير غيبي خان مغيري

رپورٽ:ضميرکرل،شهدادڪوٽ

Ghaibi Khan Mugairi
مسلم ليگ جو اڳواڻ مير غيبي خان مغيري
پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ مير غيبي خان مغيري چيو آهي ته پيپلز پارٽي وارا انتقامي ڪاروايون ڪري وٺن، ڇاڪاڻ ته سندن حڪومت وڃڻ ۾ ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن،شهدادڪوٽ جي غريب آباد پاڙي ۾ هيسباڻي برادري پاران ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي غيبي خان مغيري وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ناڻي لُٽيندڙن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن ۽ سندن احتساب جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي، هن چيو ته شهيد راڻي جي نالي تي غريب اٻوجهه ماڻهن کان ووٽ وٺي تن کي نظر انداز ڪري پنهنجن ۽ سفارشي ماڻهن کي نوازيندڙ احتساب لاءِ ٿيار ٿين. هاڻ سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي، اٻوجھ ماڻهن سان ناانصافيون ڪندڙن کي ووٽ ته ڇا پر هتان جو عوام پير به کوڙڻ نه ڏيندو، شهدادڪوٽ کي پيرس بڻائڻ جي دعوى ڪندڙ اڄ ڪٿي آهن ، شهر پيئڻ جي پاڻي سميت مختلف مسئلن جي ور چڙهيل آهي پر هتان جي عوام جي ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي، هن چيو ته سنڌ سميت پوري ملڪ اندر ايندڙ چونڊن ۾ نواز ليگ ڀرپور ڪاميابي ماڻي غريب ماڻهن جي قسمت بدلائيندي . ڪارنر گڏجاڻي ۾ نادر هيسباڻي، ڪرم هيسباڻي، خادم مگسي، اصغر خاصخيلي، سيد محسن شاهه، نادر سارگاڻي ۽ ٻين برادرين جي چڱن مڙسن برادريءَ سميت (ن) ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ڪارنر گڏجاڻي کي سيد رونق علي شاهه ، حاجي خان ڀٽو، يونس عمراڻي، شاهزمان کوسي، عبدالله مگسي، محبوب گل ، منور منگي ، نياز بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن ضلعي صدر علي رضا چولياڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڪوڙو ڪيس واپس وٺڻ جي پڻ گھر ڪئي.ڪارنر گڏجاڻي ۾ مقامي فنڪارن نواب لانگاهه، ڪپيل ۽ ٻين قومي گيت ڳائي داد ورتو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button