سکر

مڙسن جي ظلمن کان تنگ عورتون وومين هيلپ سينٽر سکر پهچي ويون

وومين ٿاڻي تي تحفظ لاءِ آيل عورتون
وومين ٿاڻي تي تحفظ لاءِ آيل عورتون
سکر:مڙسن جي ظلمن کان تنگ عورتون وومين هيلپ سينٽر سکر پهچي ويون، طلاق وٺي ڪري دارالامان موڪليو وڃي، عورتن جي اپيل، سکر جي علائقي نيوپنڊ جي رهواسي عورت مسمات شاهده جان بچائي ڪري وومين سينٽر پهچي ويئي، هن ٻڌايو ته هن جي شادي 15 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي ۽ ان کي ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جي اولاد آهي. گذريل رات هن جي مڙس بشير وسير، پنهنجي ڀائيٽي آصف سان ڪارو ڪاريءَ جو الزام عائد ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جتان عورت ڀڃي ڪري جان بچائي، ٻئي طرف ڪنڌ ڪوٽ جي رهواسي عورت بينظير ميراڻي پنهنجي مڙس محمد مراد جي باري ۾ ٻڌايو ته 7 سال اڳ ان جي والد محمد بخش ميراڻي هن کي ڏيڍ لک جي عيوض ۾ هڪ 70 سال شخص کي وڪرو ڪيو هو. جيڪو هن کي غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندو هو. هن کي سکر غلط ڪم جي غرض سان موڪليو جتان هوءَ ڀڃي ڪري وومين سينٽر پهچي ويئي، ٻنهي عورتن اعليٰ اختيارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ دارالامان موڪلڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button