حيدر آباد

ميڊيا جي منفي ڪردار سان ملڪي سالميت ، قومي معاملن، معاشرتي ۽ اخلاقي قدرن ۾ بگاڙ پيدا ٿيو آهي، سيمينار ۾ خطاب

RDI distributing Awardsحيدرآباد : ناميارن صحافين ۽ سماجي اڳواڻن ملڪ جي موجوده حالتن ، دهشت واري ماحول ، نفسا نفسي ۽ عوام جي منفي رجحانن جو ذميوار ميڊيا کي قرار ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا جي منفي ڪردار سان ملڪي سالميت ، قومي معاملن، معاشرتي ۽ اخلاقي قدرن ۾ بگاڙ پيدا ٿيو آهي ۽ سماجي فلاح بهبود توڙي ترقي وارن ڪمن ۾ پڻ رڪاوٽون پئجي رهيون آهن تنهنڪري ميڊيا کي گهرجي ته پنهنجي ملڪي توڙي قومي مفادن ۽ سماجي قدرن کي نظر ۾ رکندي عوام ۾ مثبت سوچ ۽ آگاهي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٻي صورت ۾ ميڊيا جي اهڙي ڪردار سان ملڪي تهذيب ۽ تمندن تباهي جي ڪناري تي پهچي ويندو. اهڙو اظهار هنن اڄ هفتيوار اخبارڪلياڻ حيدرآباد جي ٽين سالگره جي موقعي تي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ سماجي تبديلي لاءِ ميڊيا جي ڪردار جي عنوان سان ڪوٺايل هڪ ڏينهن واري سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو _سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي نامور سينيئر صحافي اسحاق منڱريو چيو ته اڄ جو انسان 24 ڪلاڪ ميڊيا سان ڳنڍيل رهي ٿو ۽ مثبت توڙي منفي سوچ پڻ ميڊيا مان حاصل ڪري ٿو تنهنڪري ميڊيا کي پنهنجي ڪردار تي نظرثاني ڪندي مثبت پهلو کان ڪم ڪرڻو پوندو .هن چيو ته ميڊيا کي پنهنجي قومي مفادن، ثقافت ۽ سماجي قدرن کي پڻ نظر ۾ رکي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سيمينار ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي غير سرڪاري تنظيم ايس پي او جي نمائندي غلام مصطفيٰ بلوچ چيو ته ميڊيا طرفان سماج جي تشخيص کانسواءِ سماجي تبديلي نٿي آڻي سگهجي تنهنڪري ميڊيا کي گهرجي ته اها سماجي براين ۽ مسئلن جي نشاندهي ڪري عوام ۾ مثبت سوچ پيدا ڪري .ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد امداد علي ڪيريو چيو ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ رابطي جي فقدان سبب سماجي ترقي وارا منصوبا مونجهارن جو شڪار ٿين ٿا تنهنڪري ميڊيا کي گهرجي ته اها عوام ۽ لاڳاپيل ڌرين وچ ۾ مثبت پيغام جي رسائي وارو ڪردار ادا ڪري ته جيئن سماجي ترقي ۽ فلاح بهبود بابت عوام کي بهتر ڄاڻ ڏئي سگهجي .

اڄ جو انسان 24 ڪلاڪ ميڊيا سان ڳنڍيل رهي ٿو ۽ مثبت توڙي منفي سوچ پڻ ميڊيا مان حاصل ڪري ٿو تنهنڪري ميڊيا کي پنهنجي ڪردار تي نظرثاني ڪندي مثبت پهلو کان ڪم ڪرڻو پوندو . ميڊيا کي پنهنجي قومي مفادن، ثقافت ۽ سماجي قدرن کي پڻ نظر ۾ رکي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسحاق مڱريو

ماضي ۾ ميڊيا هڪ مقصد لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي پر موجوده دور ۾ اها ئي ميڊيا واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي جنهن جا پڻ سماج تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ميڊِيا جي چٽاڀيٽي واري وڌندڙ رجحان سبب پڻ غلط افواهون پکڙجن ٿيون جنهن سان معاشري ۾ نفسا نفسي پيدا ٿي پئي آهي _ هن چيو ته جيستيائين ميڊيا غير جانبدار ٿي ڪم نه ڪندو تيستائين سماجي ڀلائي جا مقصد حاصل نٿا ڪري سگهجن . ان موقعي تي ڳالهائيندي نامور صحافي منصور قادر جوڻيجو چيو ته ميڊيا ۽ باشعور طبقي کي سماجي ڀلائي ۽ ڌرتي جي سلامتي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا .سيمينار ۾ ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ماس ڪميونيڪيشن جي استاد جانِ عالم سولنگي چيو ته ميڊيا طرفان ضابطه اخلاق تي عمل نه ڪرڻ سبب معاشري ۾ انتشار ۽ ڏڦيڙ پکڙيو آهي ۽ قومن وچ ۾ پڻ نفرتون پيدا ٿيون آهن .سيمينار ۾ ڳالهائيندي نامور صحافي اظهار سومرو چيو ته سنڌي ميڊيا قومي يڪجهتي ملڪي سطح تي مڃرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ماضي ۾ ميڊيا تي پابندين باوجود ميڊيا مثبت ڪم ڪيو .هن چيو ته ميڊيا هر وقت سياسي توڙِي سماجي اڳواڻن جي رهنمائي ڪئي ۽ ڏکين حالتن ۾ عملي طور تي سامهون آيو آهي _ هن چيو ته ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو غير تربيت يافته هجڻ پڻ ميڊيا جي معيار کي گهٽائي ٿو تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صحافتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙملازمن کي سماجي ، سياسي ، اخلاقي ۽ پيشور تربيت ڏياري وڃي ته جيئن اهي پنهنجي معاشري لاءِ بهتر ڪم ڪري سگهن . ان موقعي تي ڳالهائيندي نامور صحافي مهيش ڪمار چيو ته موجوده ميڊيا پنهنجي سماج لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه پيو ڪري جڏهن ته هن خطي ۾ مختلف قومن ۽ نسلن وچ ۾ نفرتون پکيڙڻ ۾ پڻ ميڊيا جو ڪردار آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ عبدالرزاق عمراڻي، ايڊووڪيٽ فضل قادر ميمڻ ، پروفيسر عطا بلوچ ، ليکڪه حسين مسرت شاهه ، ڪلياڻ جي چيف ايڊيٽر وحيد گل ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو _ بعد ۾ هفتيوار ڪلياڻ طرفان صحافت ۽ سماجي ڀلائي واري شعبي سان تعلق رکندڙ 14 شخصيتن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا جن ۾ نامور محقق ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويو کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته صحافين ۾ صدر پريس ڪلب حيدرآباد جعفر ميمڻ ، فيض کوسو ، امبرين هيسباڻي ، حميد رحمان ، طارق بلوچ ، مجيب ناريجو ، جان خاصخيلي ۽ سماجي ڀلائي واري شعبي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر سونو ڪنگراڻي ، سليمان جي ابڙو ، غلام مصطفيٰ بلوچ ، عبدالرزاق عمراڻي ، علي شهواڻي ۽ صغريٰ سولنگي کي پڻ ايوارڊ ڏنا ويا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button