خيرپور

شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي 59 سالگرهه خيرپور ۾ سادگي سان ملهائي وئي

خيرپور : شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي 59 سالگرهه خيرپور ۾ سادگي سان ملهائي وئي ان موقعي تي ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور ۾ ضلعي انتظاميه ۽ صحت کاتي پاران ٽن ڏينهن واري بلڊ ڊونيشن ڪئمپ قائم ڪئي وئي جنهن ۾ ضلعي جي مختلف تعلقن مان هزارين پارٽي ورڪرن محترمه جي سالگرهه تي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ رت جو عطيو ڏنو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، وڏي وزير جي پرائيويٽ سيڪريٽري مظهر علي مڱڻهار، اِي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر ڪئپٽن احسان الله سيال ۽ ٻين بلڊ ڊونيشن ڪئمپ جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ٻُڌايو ته ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور ۾ بلڊ ڊونيشن ڪئمپ ٽي ڏينهن جاري رهندي جنهن ۾ ضلعي مختلف تعلقن جا پارٽي ورڪر، سياسي، سماجي، ادبي شخصيتون، شاگرد ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو شهيد محترمه کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ رت جو عطيو ڏيندا جيڪو ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل مريضن، پاڪستان آرمي ۽ ٻين ادارن کي موڪليو ويندو. بعد ۾ ڊي سي خيرپور ڊسٽرڪٽ جيل خيرپور ۾ پڻ قائم بلڊ ڊونيشن ڪئمپ جو معائنو ڪيو ان موقعي تي خيرپور جيل سپرنٽنڊنٽ مظفر عالم صديقي ٻُڌايو ته سوين قيدين محترم جي 59 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي رت جو عطيو ڏنو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button