شهدادڪوٽ ۾ جھوني هاري اڳواڻ غلام رسول سهتي جي حمايت ۾ بک هڙتال

شهدادڪوٽ ۾ پورهيت جدوجهد ڪائونسل ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران خيرپور جي آبادگارن جي مطالبن ۽ خيرپور ۾ ٽيوب ويل هلرائي پڇڙي جي آبادگارن تائين مرڻ گھڙيء تائين بک هڙتال تي ويٺل جھوني هاري اڳواڻ غلام رسول سهتي جي حمايت ۾ بک هڙتال ڪري سندن حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي ، احتجاج ڪندڙن قادر بخش سيلري ، طارق کهاوڙ ، ستار مڱڻهار ، سڪندر سيلري ، غلام الله سيلري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ تي بک هڙتال ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته خيرپور جا آبادگار سخت ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيا آهن ، وڏي وزير سيد قائم علي شاه جي شهر جا آبادگار ستم ظريفي آهي ته پاڻي ڦڙي لاء به پريشان آهن ، هنن چيو ته غلام رسول سهتو قومي سرمايو آهي جيڪو مطالبن جي مڃتا لاء مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال تي ويٺل آهي ، جيڪڏهن ان کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميواري سنڌ حڪومت تي هوندي ، هنن آبادگارن جي مسئلن کي حل ڪري ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي قيمتي زندگي بچائڻ جي گھر ڪئي آهي ، هنن خيرپور جي آبادگارن سان انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتاء ڏنو آهي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close