سکر

سکر جي صحافين مان اختلاف ختم، نيشنل پريس ڪلب سکر پريس ڪلب ۾ ضم

عمر سومرو، سکر
Sukkurسکر جي صحافين پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪري نيشنل پريس ڪلب کي سکر پريس ڪلب ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ، ملي ڪري پريس ڪلب جي بهتري ۽ صحافين جا مسئلا حل ڪنداسون، لياقت لغاري، جان محمد مهر، زمان باجوا، خبر موجب سکر ۾ ڪجهه صحافين جي پاڻ ۾ ناراضگيءَ بعد 2 سال اڳ سکر نيشنل پريس ڪلب جو وجود عمل ۾ آيو هو ۽ ڪجهه ڏينهن کان سينئر صحافين لالا اسد پٺاڻ ۽ امداد بوزدار جي وچ ۾ جاري رهندڙ ڳالهين کان پوءِ پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ بعد اتفاق ٿي ويو. جنهن کان پوءِ معاملن تي باقاعده صلح نامو ۽ نيشنل پريس ڪلب کي سکر پريس ڪلب ۾ ضم ڪرڻ جي حوالي سان تمام صحافين جو هڪ اهم اجلاس لالا اسد پٺاڻ ۽ لياقت لغاري جي نگرانيءَ ۾ ٿيو جنهن کان پوءِ نيشنل پريس ڪلب جي صدر محمد زمان باجوا، جنرل سيڪريٽري امداد بوزدار، عمر سومرو ۽ محمد رضوان صديقي به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سکر پريس ڪلب جي تمام عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ فوٽو گرافر ۽ ڪيمره مينن به ڀرپور تاڙيون وڄائي ڪري پاڻ ۾ ڀاڪر پائي نيشنل پريس ڪلب جي ذميوارن جو استقبال ڪيو. جڏهن ته سکر پريس ڪلب جي صدر لياقت لغاري، جنرل سيڪريٽري جان محمد مهر چيو ته سڀ صحافي اسان جا ڀائر آهن. ڪجهه غلط فهمين جي ڪري دوريون پيدا ٿي ويون هيون اڄ اهي ختم ٿي ويون آهن. اسان پنهنجي صحافي ڀائرن کي سکر پريس ڪلب ۾ خوش آمديد چئون ٿا. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر محمد زمان باجوا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سڀ صحافي پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ ڏک سک جا ساٿي آهن. اسان سڀني کي ملي ڪري پريس ڪلب جا معاملن ۾ بهتري ۽ صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. صحافين جي بهتري ۽ مفاد ۾ نيشنل پريس ڪلب کي سکر پريس ڪلب ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button