خيرپور: پاني جي وارا بندي 7 جون کان
خيرپور: آ بپاشي کاتي خيرپور ايسٽ ڊويزن جي ايگزيڪيٽوِ انجنيئر خيرپور فيڊرايسٽ ڪئنال جي واهن جي وارا بندي جو شيڊيول ڄاڻائيندي ٻُڌايو آهي ته سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي کوٽ جي سبب وقتي طور واهن ۾ پاڻي جي وارا بندي ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ گروپ ون ۾ شامل فيض بخش واهه، علي بحر واهه، علي نواز واهه 07جون 2012 صبح جو 6 وڳي بند ڪيا ويندا جڏهن ته ساڳيا واهه 15 جون 2012 تي صبح جو 6 وڳي کوليا ويندا. جڏهن ته گروپ ٻئي ۾ شامل سنهڙو واهه، خان واهه، صدا رنگ واهه، بلاول واهه، سنيسا مائينر، ديدارڻو مائينر، سواري مائينر، سون واهه، ڪلرا مائينر، پنڌرو واهه، ويهوواهه، ڊي اوز مير واهه آر ڊي 13 کان 158.2 تائين مجموعي طور تي 653.67 ڪيوسڪ پاڻي جي وهڪري جي گنجائش رکندڙ ڄاڻايل واهه 15 جون 2012 تي صبح جو 6 وڳي کان بند ڪيا ويندا جڏهن ته گروپ ٻئي ۾ ڄاڻايل ساڳيا واهه 23 جون 2012 تي صبح جو 6 وڳي کوليا ويندا. ايگزيڪيٽوِ انجنيئر وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي واڌ يا کوٽ کانپوءِ وارا بندي جو پروگرام تبديل پڻ ڪري سگهجي ٿو.