خيرپور

خيرپور: بس اڏا شھر کان ٻاھر ڪڍڻ جو نوٽيس جاري

Bus Standخيرپور: سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي خيرپور ضلعي جي سڀني ٽرانسپورٽرن ۽ بس اڏن جي مالڪن کي هڪ نوٽيس ذريعي اطلاع ڏيندي ڄاڻايو آهي ته هُو پنهنجي لاڳاپيل بس اڏن جي مئنيجرن ۽ اسٽارٽرن کي پابند ڪن ته پنهنجا بس اڏا خيرپور شهر مان ختم ڪري پنهنجون گاڏيون شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ماڊرن بس ٽرمينل تي بيهارين ۽ پنهنجي لاڳاپيل روٽ جا پيسينجر ڄاڻايل بس ٽرمينل تي لاهيندا ۽ اُتائين کڻندا. جڏهن ته 10 جون 2012 تائين اهڙي اطلاع کانپوءِ عمل نه ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي جڏهن اهڙو فيصلو خيرپور جي ٽرانسپورٽرن ۽ اسٽارٽرن سان گڏجاڻي ڪري ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button