خيرپور

اٽو لٽو، اجهو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جو پروگرام ھو، اسان عمل ڪري رھيا آھيون، وڏو وزير

CM at Haamiخيرپور:سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيوآهي ته بجلي ملڪ جي ترقي جو وسيلو آهي جنهن سان ملڪ ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي پر پيپلز پارٽي جي مخالف جمهوريت کان وڌيڪ بجلي کي سمجهن ٿا جن ماضي ۾ آمر حُڪمران جي دور ۾ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا هاڻي ان وقت بجلي جو کوٽ لاءِ ڪجهه نه ڪيو. جڏهن ته موجوده حڪومت وفاقي بجيٽ ۾ 77 ارب روپيه صرف بجلي جي مد ۾ رکيا آهن جنهن سان بجلي جي بحران جو خاتمو ايندو. وزير اعلى سنڌ اهڙو اظهار سيپڪو پاران 15 ڪروڙ 50 لک روپين جي لاڳت سان تيار ٿيل شاهلڌاڻي گرڊ اسٽيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته اٽو لٽو، اجهو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جو پروگرام هو جنهن تي عمل ڪندي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون بيروزگارن کي روزگار ۽ غريبن کي گهر ٺهرائي ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته 1994 ۾ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو ٿر ڪول پروجيڪٽ جي شروعات ڪئي هئي جڏهن ته اڄ بجلي جي کوٽ جو رڙيون ڪرڻ وارن پنهنجي حڪومت ۾ان پروجيڪٽ کي ختم ڪيو ڇو ته ٿر ڪول پروجيڪٽ شهيد محترمه ۽ سنڌ پاران ملڪ لاءِ هڪ شاندار تحفو هو. شهيد محترمه دور انديش هئي جنهن کي اڄ جي صورتحال ۾ بجلي جي کوٽ جو انديشو هو. هن چيوته جيڪڏهن 1994 ۾ ٿر ڪول پروجيڪٽ جو ڪم شروع ٿئي ها ته اڄ ملڪ بجلي جي بحران ۾ نه هجي ها. هن چيو ته هاڻي وري ٻيهر عوام جي طاقت سان اقتدار سنڀاليندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٿر ڪول پروجيڪٽ جي ٻيهر شروعات ڪئي آهي. وزير اعلى چيو ته سنڌ حڪومت پاران جون 8، 2012 تي 111 ارب روپين جي عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي ويندي جنهن سان صوبي ۾ معاشي خوشحالي ايندي. هن چيو ته آمريڪا سميت دنيا جا ڪيترائي وڏي معيشت رکندڙ معاشي بحران جي ور چڙهيل آهن پر تنهن هوندي به موجوده حڪومت پاران محدود وسيلن جي هوندي صوبي اندر بيروزگارن کي روزگارن ڏنو آهي ۽ کين هر ممڪن سهولت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته تعليم ۽ صحت جي بهتري لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ لاڳاپيل کاتن جي بجيٽ ٻيڻي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي بصيرت ۽ موجوده قيادت جي ڪوششن سان مرڪز توڙي ٻين صوبن ۾ عوام جي طاقت يعني ووٽ سان حڪومت قائم ڪئي جنهن ڪري پيپلز پارٽي جا مخالف حيران ۽ پريشان آهن جيڪي هاڻي جمهوريت جي مخالف ڪري رهيا آهن جن ماضي جي آمر حُڪمرانن سان ٺڳي جو ٺاهه ڪري ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا. هن چيوته جيڪڏهن سيپڪو ۽ هيسڪو سنڌ حڪومت کي ڏنا وڃن ته پاور سيڪٽر ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ان موقعي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور ۾ ايندڙ بجيٽ ۾ وومين ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جڏهن علائقي واسين کي 10 ٽرانسفارمر ڏيڻ لاءِ سيپڪو چيف کي حُڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي وڏي وزير پاڻي جي کوٽ جي شڪايتن تي آبپاشي کاتي جي عملدارن کي خيرپور ضلعي اندر پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو ڪوآرڊينيٽر مسعود نبي ڏوگر، يو سي ٺيڙهي جي پيپلز پارٽي اڳواڻ قاضي خليل الله، علي شير مڪول، سيپڪو چيف محمد موسى ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ خطاب کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سيپڪو پاران 15 ڪروڙ 50 لک روپين جي لاڳت سان تيار ٿيل 132 ڪي وي ۽ 650 ايمپيئر بجلي جي گنجائش رکندڙ شاهلڌاڻي گرڊ اسٽيشن جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ ٽي فيڊر شاهلڌاڻي، تنيو پُل ۽ ٺيڙهي شامل آهن جنهن سان 4300 گهرن،180 صنعتي ادارن ، 1500 ڪمرشل مرڪزن ۽ 20 ٽيوب ويلن کي بجلي جي فراهمي ٿيندي. بعد ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي 30 هين ورسي جي موقعي تي حامي جي مزار تي چادر چاڙهي جڏهن ته ان موقعي تي درگاهه ڀرسان سنڌ جي قديمي ۽ تاريخي راند ملاکڙو ۾ شرڪت ڪئي ۽ راند ۾ پهرين پوزيشن ماڻيندڙ ملهه پهلوان محمد خان ڦُل کي 50 هزار، ٻئي ۽ ٽئين پوزيشن ماڻيندڙ منٺار بُگٽي ۽ نبن ڪٽوهر کي 25 هزار ۽ ٽرافيون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي وڏي وزير سان ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو، ڊي آءِ جي سکر ڊاڪٽر امير احمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ، ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو، حامي يادگار ڪاميٽي جو لعل بخش منگي ۽ پيپلز پارٽي جا ٻيا اڳواڻ ۽ ٻين سرڪاري ادارن سان لاڳاپيل عملدار ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button