اين سي ايڇ ڊي ملازمن جو پڪو نه ڪرڻ خلاف مظاھرو
رپورٽ :فهيم ڀٽي ، ٽنڊومحمد خان
اين سي ايڇ ڊي ملازمن پا ران پڪو نه ڪرڻ خلاف مير غلام علي ٽالپر پارڪ تان هڪ وڏي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف رستن تان گذرندي وفاقي وزير سيد نويد قمر جي ٽنڊو محمد خان واري آفيس تي پهتي جتي ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو،ڌرڻي ۾ وڌي تعداد ۾ ملازمن،اين جي اوز نيٽ ورڪ،يونائيٽڊ اين جي اوز نيٽ ورڪ، پ ٽ الف،گسٽا،پاڪستان هيومن رائٽس فورم،شاگردن ،شاگردياڻين ۽ عورتن سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي،ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ بينرز۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي نعرا لکيل هئا،ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ملازم اڳواڻن غلام نبي زئنور، واجد نوتڪاڻي ،منصور لغاري ، بهادر ڀرڳري، مير ڪاشف ٽالپر، ۽ ٻين چيو ته اين سي ايڇ ڊي 2003 کان وٺي سنڌ جي جهر جنگ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي،