ٽنڊو محمد خان

ايندڙ چونڊن ۾ ڪا به هڪ سياسي پارٽي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهندي، جماعت اسلامي

رپورٽ :فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
Jimaet e Islami Jalsaجماعت اسلامي جي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪا به هڪ سياسي پارٽي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهندي ۽ سياسي جماعتون اتحادن ذريعي ئي گڏيل طور اليڪشنون وڙهنديون اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو محمد خان لڳ باقر نظاماڻي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته اسان جا مسلم ليگ نواز ۽ تحريڪ انصاف سان رابطا جاري آهن پر اسان جي اها ئي ڪوشش آهي ته ديني جماعتون گڏيل پليٽ فارم تان چونڊون وڙهن، هن چيو ته موجوده حڪومت ڪرپٽ ترين حڪومت آهي ۽ هن حڪومت جا تمام اتحادي ڪرپشن ۾ برابر جا شريڪ آهن هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو نئون صوبو نٿا چاهين ان ڪري اهڙي ڳالهه ڪرڻ باهه سان کيڏڻ برابر آهي ، هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي گڏيل حڪومت آهي ۽ بدقسمتي سان ٽيئي پارٽيون بتا خوري ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ناجائز قبضا ڪرڻ ۾ شامل آهن جنهنڪري ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ وڌي رهي آهي ۽ پورهيت طبقو ان جو نشانو بنجي رهيو آهي جڏهن ته بلوچستان صورتحال به وڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي ان جو ذميدار پرويز مشرف کي گارڊ آف نر پيش ڪري روانو ڪيو ويو، جيڪو بگٽي جو قاتل هو ۽ هاڻي به وقت ويو نه آهي پاڪستان جي معتبر سياستدانن تي مشتمل جرڳه ڪاميٽي ٺاهي وڃي جيڪا حڪومت ۽ بلوچ سياستدانن ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري تڏهن مسئلو حل ٿيندو، هن چيو ته هن صورتحال ۾ ملڪ جي فائدي ۾ واحد حل عام چونڊون آهن ان ڪري فوري طور سڀني پارٽين جي مشوري سان عبوري حڪومت جوڙي بااختيار اليڪشن ڪميشن ٺاهي شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، جلسي کي مولانه اسد الله ڀٽو، عدالوحيد قريشي، اڪرم بيگ، غلام علي چانگ، پير مسلم جان سرهندي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button