اسلام آباد

26 اپريل کانپوءِ وزيراعظم نااهل ٿي ويو آهي:قانوني ماهر

saeed uz zaman engاسلام اباد (مانيٽيرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي چيو اهي ته وزيراعظم 26 اپريل تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نااهل ٿي ويو آهي، هاڻي سندس برطانوي دوري جي ڪا به قانوني حيثيت نه هوندي، نه وري هو حڪومتي سطح تي ڪو معاهدو ڪري سگهي ٿو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته توهين عدالت ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد وفاقي ڪابينا ۾ شامل ميمبرن کي سوچڻ گهرجي ها ته هو ڪهڙي شخص تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، هو سمجهن ٿا ته هو قانون جا وڏا علمدار آهن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قانوني ماهر جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد چيو ته توهين عدالت ڪيس ۾ تفصيلي فيصلو اچڻ کانپوءِ اسپيڪر کي هر صورت ۾ وزيراعظم جو اهليت جو به اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس موڪلڻو پوندو، هن چيو ته عدالت جي فيصلي بعد وزيراعظم جي اهليت جو سوال اڀري چڪو آهي، هاڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي اليڪشن ڪميشن ڏانهن معاملو روڪڻ جو اختيار ناهي رهيو، جيڪڏهن اسپيڪر 30 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس نه موڪليو ته اهو اليڪشن ڪميشن وٽ منتقل سمجهيو ويندو، قانوني ماهر بابر ستار چيو ته وزيراعظم گيلاني کي عدالتي فيصلو اچڻ بعد برطانيا نه وڃڻ نه گهرجي ها ۽ کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، هن چيو ته عدالت وزيراعظم خلاف توهين عدالت ڪيس جي تفصيلي فيصلي ۾ سزا جا ڪارڻ ڄاڻايا آهن، فيصلي ۾ ڪا به جذبات ناهي، اهو عمل آئين کي مڃڻ کان انڪار آهي ته عدالت ڪنهن کي سزا ڏني ۽ پارليامينٽ ان جو دفاع ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button