سکر

12 مئي تي 10 لک کان مٿي ماڻھو شرڪت ڪندا، پي پي جي دعويٰ

Kamu shaheedسکر(بيورورپورٽ) مسلم ليگ کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ 12 مئي تي سنڌ، پنجاب بارڊر ڪمون شهيد واري هنڌ تي 10 لکن کان وڌيڪ ماڻهو جلسي عام ۾ شرڪت ڪندا ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن کانپوءِ پيپلز پارٽي جي قيادت جلسي لاءِ تياريون زور و شور سان شروع ڪري ڏنيون، ان سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس سکر هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه، ريلوي جو پارليماني سيڪريٽري نعمان اسلام شيخ، سکر سٽيءَ جي صدر مشتاق سرهيو، ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت، ڪئي اجلاس ۾ 2 1 مئي تي ٿيندڙ جلسي عام جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس بعد ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، ريلوي جي پارليماني سيڪريٽري نعمان اسلام شيخ چيو ته مسلم ليگ ن جي لانگ مارچ کان اسان ڊڄڻ وارا ناهيون، وفاقي حڪومت کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه خطرناڪ آهي، پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي قوت رکندڙ پارٽي آهي، هاڻي پيپلزپارٽي جي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته مسلم ليگ ن کي ڀرپور جواب ڏيندي، هنن چيو ته مسلم ليگ ن جو لانگ مارچ لاهور تائين محدود رهندو، اگر انهن کي لانگ مارچ ڪرڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته اهو پورو ڪري ڏسن عوام انهن جو ساٿ نه ڏيندو، هنن چيو ته موجوده حڪومت هن ملڪ جي غريب عوام جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ بيروزگار نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري رهي آهي، موجوده حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪندي ۽ حڪومت خلاف سازشون ڪندڙ ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪن، هنن چيو ته 12 مئي تي ٿيندڙ جلسي عام ۾ اهم اعلان ڪيا ويندا ۽ صدر آصف علي زرداري سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا. ان جلسي عام ۾ سڄي ملڪ جو عوام شرڪت ڪري ثابت ڪندو ته اڄ به پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي پيپلزپارٽي جون جڙون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڦهليل آهن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ هن ملڪ جو غريب عوام پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪري ڪامياب ڪندا، هنن چيو ته موجوده حڪومت عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ آئي آهي، چور دروازي مان ڪنهن کي به داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، موجوده حڪومت بجيٽ کانپوءِ مڪاني چونڊن جو اعلان ڪندي ۽ ان کانپوءِ عام چونڊون ڪرايون وينديون مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جا اميدوار ڀرپور حصو وٺندا ۽ ان سلسلي ۾ اتحادين سان صلاح مشورا جاري آهن هنن چيو ته موجوده حڪومت شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمتي پاليسي کي جاري رکندي ۽ ان جي ڏنل ويزن تي ڪم ڪري رهي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button