سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

ھاڻي ساھ جي ذريعي موبائل چارج ڪري سگھبي

Mobile breath chargerتمام جلد توهان پنهنجي موبائيل پنهنجي ساه جي ذريعي چارج پيا ڪندئو. تحقيق ڪارن هڪ نئون چارجر ايجاد ڪيو آهي جنهن سان توهان پنهنجي ڦڦڙن جي هوا سان پنهنجي موبائيل ۾ نئون روح ڦوڪي سگهندئو.هي هڪ ماسڪ آهي جنهن ۾ سنهاسنها هوا جا ٽربن ٺهيل آهن، جنهن ۾ پيدا ٿيل انرجي هڪ تار جي ذريعي اليڪٽراني قوت جي هڪ چاجر ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اهڙو اوزار برازيل جي شهر ريئو ڊي جينيرو ۾ رهندڙ مجدد جوڪو پائولولاموگليا ايجاد ڪيو آهي. هن پنهنجي نئين ايجاد جي باري ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته اهو چارجر ڊوڙڻ کان وٺي آرام ڪرڻ تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو گهر ۽ گهر کان ٻاهر توهان جڏهن ستا پيا هجو، ڊوڙون پائيندي، ڪتاب پڙهندي استعمال ڪري سگهو ٿا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن سان نه فقط بجلي جي بچت ٿئي ٿي، پر هي چارجر ماحول دوست به آهي. ان سان گڏوگڏ جسماني ورزش کي به هٿي ڏئي ٿو. هن جي سگه ڏينهن جي 24 ڪلاڪن ڪان هفتي جي 7 ڏينهن تائين جي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button