پير جو ڳوٺ

ڳوٺ گاگڙي تي خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي چڙهائي

khairpurپير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ گاگڙي تي خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي چڙهائي، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، 2 گهرن کي باهيون، 4 ڄڻا گرفتار، ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف ڌرڻو، رپورٽ موجب، اڄ صبح پرهه ڦٽي مهل خيرپور ضلعي جي 12 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ گاگڙي تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي سخت تشدد ڪرڻ سان گڏ پوليس ٻن ڳوٺاڻن صدر الدين سولنگي ۽ علي حسن سولنگي جي گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي جنهنڪري گهرن ۾ رکيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته پوليس 4 ڳوٺاڻن نشاد سولنگي، علي حسن، دين محمد ۽ صدر الدن سولنگي کي گرفتار ڪري کنڀي کڻي کڻي پئي وئي ته پوليس ۽ عورتن ۾ منهن ماري ٿي جنهن دوران عورتن پوليس تي لٺين جو وسڪارو پڻ لاهي ڏنو ٻئي طرف ڳوٺاڻن اعظم سولنگي، غلام قادر، شڪور، جاويد احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس چڙهائي خلاف گاگڙي- خيرپور روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو جنهنڪري روڊ بند ٿي ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ هوته اسان شريف ڳوٺاڻا آهيون خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايس پي خيرپور جي چوڻ تي بيگناهه اسانجي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ سان گڏ ڳوٺاڻن جي گهرن کي باهيون ڏئي ڦرلٽ ڪئي آهي ۽ بيگناهه ڄاڻايل 4 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري کنڀي وئي آهي جيڪا اسان سان وڏي زيادتي ۽ ظلم آهي هنن چيو ته علائقي واسي شاهد آهن ته اسان شريف ڳوٺاڻا ۽ وڏي وزير جي تڪ جا ووٽر آهيون پر خبر ناهي پوليس ڪهڙي ڏوهه ۾ اسان سان ظلم ڪيو آهي، ڳوٺاڻن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آءِ جي سنڌ پوليس کان گهر ڪئي ته ايس ايس پي خيرپور کي هٽائي اسان مٿان پوليس جي ڪيل چڙهائي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ خيرپور باءِ پاس تي ڌرڻو هڻنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button