ڪراچي واقعو! حڪمرانن کي اکيون کولڻ گهرجن.
زاهد راڄپر
ڪراچيءَ ۾ عوامي تحريڪ جي محبت سنڌ ريليءَ تي فائرنگ ۾ نياڻين ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙن جي شهادت کان پوءِ شايد ائين سمجهيو پئي ويو ته معاملو ٿيو ۽ هاڻي ٿڌو ٿي ويندو. پر ڪراچي ۾ ريلي تي فائرنگ واري واقعي جا سنڌ جي سياست تي اهڙا ته گهرا اثر مرتب ٿيندا اهو شايد حڪمرانن يا اهو واقعو ڪرائيندڙن سوچيو به نه هوندو ۽ واقعي تي سنڌي ماڻهن جي ڀرپور رد عمل هاڻي ته حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جي بيانن تتي تي تيل هارڻ وارو ڪم ڪيو آهي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ حڪمران ڌر ڏانهن نفرت ۽ حقارت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اها ڳالهه به عام ٿي رهي آهي ته جنهن حڪومت ۾ رحمان ملڪ جهڙا وزير هوندا ان حڪومت کي دشمن پالڻ جي ضرورت ئي ناهي. ڇاڪاڻ ته دشمنن جو ڪم رحمان ملڪ پاڻ ڪيو آهي ۽ لساني تنظيم جي ڀرپور نمائندگي ڪندي سنڌي ماڻهن خلاف زهر سان ڀريل لفظن جو استعمال ڪري رهيو آهي. صدر زرداري به ڪراچي پهتو ۽ صورتحال جو جائزو پاڻ وٺي رهيو آهي. لياري جي رٺل بلوچن کي پرچائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي. سنڌ جي حالتن کان ذاتي طور چڱيءَ ريت واقف هجڻ باوجود به صدر زرداري اڃا تائين رحمان ملڪ جي بيانن جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي نه ئي ريليءَ تي فائرنگ ڪري نياڻين جي مارجڻ بعد ملوث ماڻهن خلاف ڪي عملي قدم کنيا آهن ۽ فقط ماڻهن جو ڪروڌ جهڪو ڪرڻ لاءِ رڳو بيان جاري ڪيا پيا وڃن پر اڃا تائين سنڌي ماڻهن جي جذبات گهٽجھڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهي آهي.
ڪو سنڌو سير ۾، مپ نه ملاحن،
درندا! درياهه ۾ واڪا ڪيو ورن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هليا هيٺ وڃن،
پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،
اهڙو قهر ڪنن ۾، ويا ڪين ورن،
اتي اڻ تارن، ساهڙ! سير لنگهاءِ تون.
جنهن جو مثال عوامي تحريڪ جي لاڙڪاڻي ۾ ڪڍيل ريلي آهي. جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي جي صحافين جي چواڻي لاڙڪاڻي شهر ۾ عوامي تحريڪ جي موثر تنظيم سازي ناهي پر عوامي تحريڪ جي هن محبت سنڌ ريلي کين حيران ڪري ڇڏيو آهي ته ايترا ماڻهو ڪٿان ۽ ڪيئن پهتا آهن؟ هزارين ماڻهن جي ريلي جنهن ۾ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين سنڌ نيشنل پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جماعت اسلامي، مسلم ليگ ”ن“، خاڪسار تحريڪ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پنهنجي پارٽي جهنڊن سميت شريڪ ٿيا هئا. ريليءَ ۾ ماحول ان وقت تمام گهڻو جذباتي ٿي ويو جڏهن لياريءَ مان بلوچن جو قافلو جنهن ۾ عورتون به شامل هيون پهتا ته لاڙڪاڻي واسين سندن ڀرپور استقبال ڪندي مٿن محبت جا گل نڇاور ڪيا. عام ماڻهن کانئن بلوچ اڳواڻ عزير بلوچ جا اسٽيڪر وٺي پنهنجي گاڏين جي شيشن تي سجائي ڇڏيا. محبت، جذبات ۽ ڏک جو اهڙو گڏيل ردعمل سچ پچ ته حڪمرانن لاءِ پيغام هو ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورا سنڌي ۽ بلوچ پنهنجي ڌرتي واري حساس مسئلي تي نه رڳو گڏ آهن پر پنهنجون جانيون به هڪ ٻئي لاءِ قربان ڪري سگهن ٿا. شيخ زيد موڙ کان شروع ٿيل محبت سنڌ ريلي جڏهن لاڙڪاڻي شهر جي رستن تي مارچ پئي ڪيو ته لاڙڪاڻي جا ماڻهو گهرن مان پاڻ مرادو ٻاهر نڪري ريليءَ ۾ شامل ٿي، ٿي ويا ۽ سندن زبان تي هڪ ئي نعرو هيو ته سنڌ ٽوڙڻ جون سازشون ڪندڙن تي لعنت، سنڌ جي غدارن تي لعنت، جيڪو دهشت گردن جو يار آ، غدار غدار آ. هي اهي ماڻهو هئا جيڪي لاڙڪاڻي جي ماڻهن ۾ ڪراچي واقعي بابت هڪ ڏک جي لهر هئي جيڪا هن ريليءَ ۾ شرڪت ڪري هو ظاهر ڪري رهيا هئا ۽ انهيءَ ريلي ۾ انهن کي اميد جا ڪرڻو نظر آيا ۽ منهنجي ذهن تي پڻ شاهه لطيف جو شعر گونجڻ لڳو ته
دهشت دم درياهه ۾، جتي جايون جانارن،
ڪو سنڌو سير ۾، مپ نه ملاحن،
درندا! درياهه ۾ واڪا ڪيو ورن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هليا هيٺ وڃن،
پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،
اهڙو قهر ڪنن ۾، ويا ڪين ورن،
اتي اڻ تارن، ساهڙ! سير لنگهاءِ تون.
لاڙڪاڻي جو جناح باغ ماڻهن سان ڀريل هو ۽ ٻي وڏي ڳالهه اها هئي ته ڪيترين ئي سياسي پارٽين جي نوجوانن جي شرڪت باوجود به ريلي توڙي جلسي ۾ ڪابه اٻهرائي بي ضابطگي نه هئي. قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن ۾ پهريون دفعو سنجيدگي ڏسڻ وٽان هئي. سڀني جي اندر اٿندڙ نعرن مان ڌرتي جو درد دانهون ڪري نڪري رهيو هو. انتهائي منظم ريلي ۽ جلسو شايد نياڻين جي قتل جو سوڳ هو جيڪو اڃا ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ اڃا تازو آهي. عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي جي تقرير کي سڀني تمام گهڻو خاموشيءَ سان ٻڌو، ائين کڻي چئجي ته اياز جي تقرير جو سحر سڄي پنڊال تي ڇانيل رهيو. اياز سمورن سنڌي ماڻهن کي لائسنس وارا هٿيار وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته سنڌ جون حالتون انتهائي خراب رخ ڏانهن وڃي رهيون آهن ان ڪري سنڌي ماڻهو پنهنجي حفاظت لاءِ نه رڳو هٿيار وٺن پر اهي هٿيارن جي تربيت به حاصل ڪن. ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻي ٿو ته سنڌ ۾ عالمي قوتن جي اشاري تي لسانيت جي باهه ڀڙڪندي ۽ اهڙي حالتن ۾ سنڌي ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي حفاطت ته ڪري سگهن. اياز جي تقرير کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ تقرير جيڪا هن مڪمل طور سياست تي ڪئي. جڏهن ته ٻي تقرير هن سماجي مسئلن بابت ڪئي ۽ ماڻهن کان وچن ورتو ته هو پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏياريندا. پنهنجي ٻارڙن جي صحت جو خيال رکندا. پاڻي اوٻاري استعمال ڪندا. پان ۽ گٽڪا نه کائيندا.
هونئن ته خونريز واقعن کان پوءِ عوام ۾ خوف هوندو آهي، جنهن سبب جلسن ۾ شرڪت گهٽجي ويندي آهي. پر ڪراچي واقعي جو رت به اڃا سڪو ناهي ۽ ماڻهن جي ڪنن ۾ اڃا تائين مٿن وسندڙ گولين جا آواز ٻُري رهيا آهن. هر طرف خوف ۽ ماتم اڃا جهڪو نه ٿيو آهي، شهيدن جي وارثن جا سڏڪا پنهنجي پيارن کي ياد ڪندي اندر ۾ وڍ وجهي نڪري رهيا آهن. هوائن ۾ جسمن مان نڪرندڙ اونهاري جي پگهر جي بوءِ بجاءِ بارود جي بوءِ اڃا تازي آهي. گولين جي ٺڪائن تي اٿيل پکين به اڃا سک جو ساهه نه کنيو آهي، تڏهن سنڌ جا سچا پچا سورهه سپوت وري پنهنجي جانين جي پرواهه نه ڪندي لاڙڪاڻي کي دانهن ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا. اها دانهن کڻي هزارين سنڌي لاڙڪاڻي جي رستن تي مارچ ڪري رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا ته ”اي ست هزار سالن جي قدامت رکندڙ ڌرتي تنهنجا ڪي پٽ توکي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ جي ازلي ويرين سان فقط اقتدار جا مزا ماڻن ۽ چند ڏينهن چسڪا وٺڻ لاءِ تنهنجي قرباني ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي ويا آهن ۽ اڄ اهي تنهنجي دلير ۽ بهادر نياڻين جي رت تي به خاموش آهن ۽ انهن پنهنجي غيرت، عزت، مان ۽ وقار وڪرو ڪري تنهنجي سيني کي ٽڪرا ڪري ڪيڪ وانگر دهشتگردن، غاصبن حوالي ڪري ڇڏيا آهن“ پر وري ٻئي پاسي غزالا جهڙيون غيرت مند سنڌي نياڻيون، ٻاگهل بڻجي گولين آڏو سينو تاڻي بيٺل آهن. تنهنجا سورهيه سپوت پٽ پنهنجي جان کي تنهنجي عظمت جي سربلنديءَ لاءِ ثانوي حيثيت ڏين ٿا. تڏهن ته بنا ڪنهن خوف جي اڄ هزارن جي تعداد ۾ گڏ آهن ۽ انهن غيرتمند سنڌين جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جتي جتي هيءُ پيغام پهچي رهيو آهي اتي ماتم سان گڏ انهن جي اندر ۾ ڪروڌ به آهي ۽ اهو ڪروڌ پلجي وڌي وڻ ٿي رهيو آهي ۽ اهو ڪروڌ، ڪاوڙ ۽ جذبو تصبيح جي مڻين وانگر ڌاڳي ۾ پوئجي رهيو آهي. پر ضرورت ان ڪروڌ کي ڪنهن درست رخ ڏانهن وٺي وڃڻ جي آهي. ريلي جي ڪاميابي ماڻهن جو اعلان هيو ته ڌرتي جي دردن جو علاج کڻي جيڪو به ماڻهن وٽ ويندو اهو ڪامياب ٿيندو. لاڙڪاڻي واري ريلي حڪمرانن جي غدارين ۽ سنڌ جي حقيقي سڄڻن لاءِ ريفرنڊم هئي، پر ڇا اسان جي سنڌ دوست پارٽين وٽ سنڌ جي هنن حالتن کي سمجهي سهيڙڻ جي صلاحيت موجود آهي؟