مختصر خبرون

ڪراچي واري واقعي خلاف پير ڳوٺ ۾ شٽربند هڙتال

پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ ۾ قومپرستن ۽ نواز ليگ ڪارڪنن پاران ڪراچي واقعي ۽ حيدر آباد ۾ جسمم اڳواڻ جي قتل خلاف پوري سنڌ جيان پيرڳوٺ ۾ پڻ ڪارڪنن شٽربند هڙتال ڪرائي احتجاجي ريلي ڪڍي ريلي جي اڳواڻي هاشم راهوجو، ابوبڪر شاهه، نعيم انصاري، قدير سولنگي، عبدالله شر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪراچي واقعو هڪ نام نهاد دهشتگرد تنظيم جي کلي دهشتگردي آهي پر پوءِ اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن هنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ٻنهي واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪاراوئي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button