اسلام آباد

پ پ کي نون صوبن جو شوشو نه ڇڏڻ گهرجي ها; عاصمه جهانگير

Asma Jahangirاسلام آباد; سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير چيو ته صوبو ٺاهڻ سولو ناهي هوندو. پ پ کي نون صوبن جو شوشو نه ڇڏڻ گهرجي ها، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ جي اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو هو ته اسٽيبلشمينٽ لاءِ نرم يا گرم ٿي آئيني مدو مڪمل ڪري رهي آهي، پر سياسي پارٽين مان عسڪريت پسندي ختم ٿيڻ گهرجي، ڪجهه سياسي پارٽين ۾ ڳجهين ايجنسين جا ايجنٽ ملوث آهن. عاصمه جهانگير چيو ته بلوچستان جي خراب حالتن ۾ ايجنسيون ملوث آهن. سنڌ جي قومپرست مظفر ڀٽو کي اڳ به ايجنسين کنيو هو، نومبر ۾ آزاد ڪرڻ بعد کيس ٻيهر اغوا ڪيو ويو هو، اهي ايجنسيون اهي ئي آهن، جن اڄوڪي مخالف ڌر سان ماضي ۾ گڏجي ڪم ڪيو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button