مختصر خبرون

پير ڳوٺ غوري برادري ۾ جھيڙو

پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ لڳ غوري برادري ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان جي واقعي جو 6 ڄڻن تي ڪيس داخل، پولس جا ڇاپا، گرفتاري عمل ۾ نه آئي، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ حاجنه شاهه ۾ پراڻي خوني تڪرار تان هلندڙ جيهڙي ۾ گذريل زخمي ٿيل غوري برادري جو نوجوان غوث بخش پٽ محمد مراد غوري واري واقعي ۾ فريادي حاڪم غوري جي فرياد تي جوابدارن ڀورل، امتياز، عبدالرشيد، مير، طارق، ضمير غوري سميت 6 مٿان پيرڳوٺ ٿاڻي تي قاتلاڻو حملو جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي هوڏانهن ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي جڏهن ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button