پير ڳوٺ امتحاني مرڪزن تي ڪاپي جي ڌم
پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل، ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور پاران پيرڳوٺ ۽ پريالوءِ امتحاني سينٽر جو اوچتو دورو، اسسٽنٽ مختيارڪار ڪنگري سميت 2 استاد معطل، 23 شاگرد ڪاپي ڪيس، امتحاني سينٽر تي عملي ۾ ٿرٿلو، رپورٽ موجب، ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ سکر تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ هلندڙ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن لاءِ امتحاني سينٽر گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول پريالوءِ ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پيرڳوٺ ۾ اوچتو ڇاپا هنيا ان موقعي ڪمشنر سکر ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي اسسٽنٽ مختيارڪار ڪنگري عبدالحميد ڪانڌڙو کي ڦوري طور معطل ڪرڻ سان گڏ پريالوءِ سينٽر تي ڪاپي ڪرائڻ تي استاد عبدالحميد ڦلپوٽو کي پڻ معطل ڪري ڇڏيو ۽ 07 شاگردن کي پڻ ڪاپي ڪيس ڪيو هوڏانهن پيرڳوٺ بوائز ڊگري ڪاليج سينٽر تي 16شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ سان گڏ پيرڳوٺ ڪاليج جي ليڪچرار ارشاد علي ڪانهر کي پڻ ڪاپي ڪرائڻ جي ڏوهه هيٺ ڦوري طور معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڄاڻايل اعليٰ عملدارن جي اوچتو امتحاني سينٽر تي ڇاپا هڻڻ واري عمل ڪري سينٽرن تي ڊيوٽي ڪندڙ عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو. جڏهن ته ان کان اڳ امتحاني سينٽر تي ڪاپي جي ڌم متل رهي.