پير جو ڳوٺ :50 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي وئي
پير جو ڳوٺ ( رپورٽر) سيپڪو پريالوءِ اختيارين رهتن جي آڙ ۾ ڪوٽ مير محمد شهر سميت 50 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، چورين جو آزار وڌي ويو، رهواسي سخت گرمي ۽ مڇرن جي آزار سبب عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور، رپورٽ موجب، سپيڪو پريالوءِ اختيارين رهتون ڄاڻائي ڪوٽ مير محمد شهر سميت آسپاس جي ڳوٺن ڳوٺ نور محمد جمالي، ڳوٺ شبير ناريجو، ڳوٺ اوڍو،ڳوٺ آڍو خان ناريجو، ڳوٺ وينگس، ڳوٺ ڀٽا، ڳوٺ الرا، ڳوٺ ڀنڊ سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي گذريل 3 ڏينهن کان بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي جنهنڪري علائقي ۾ چورين جون وارڌاتون وڌي ويون آهن ۽ رهواسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏهن ته بجلي نه هئڻ ڪري رهواسي سخت گرمي توڙي مڇرن جي آزار سبب عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ان ڏس ۾ رهواسين انور، سليم، شعبان ڀٽو، مولوي ثناءُ الله جمالي ۽ ٻين سيپڪو سکر اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد بجلي بحالي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.