پير جو ڳوٺ

پيرڳوٺ ڊگري ڪاليج 10 شاگرد ڪاپي ڪيس، موبائل فون جو عام استعمال

Pir jo goath principalپير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ ڊگري ڪاليج سينٽر ۾ سکر بورڊ آفيس جواوچتو دورو، 10 شاگرد ڪاپي ڪيس، بورڊ انتظاميه شاگردن جا سوين موبائيل فون کسي کڻي وئي، شاگردن جو ڪاليج آڏو ڌرڻو، پرنسپال جو گهيراءُ، ڪار کي سخت نقصان، پيپر جي بائيڪاٽ جو چتاءُ، رپورٽ موجب، اڄ جئين ڊگري ڪاليج پيرڳوٺ امتحاني سينٽر ۾ مئٿ جو پرچو شروع ٿيو ته اوچتو سکر بورڊ جي ٽيم پهچي وئي جنهن سينٽر تي 10 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ بعد سينٽر ۾ موبائيل فون آڻيندڙ ڪيترن ئي شاگردن کان موبائيل فون کسي پنهنجي تحويل ۾ وٺي بورڊ ٽيم ساڻ کڻي وئي جنهن تان جيئن پيپر ختم ٿيو ته شاگردن بورڊ انتظاميه جي خلاف پرنسپال آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي شاگردن ڪاليج انتظاميه کان موبائيل فون واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي پرنسپال کين اهو چيو ته موبائيل فون اسان وٽ نه آهن بورڊ انتظاميه پاڻ کڻي وئي آهي جنهن تي شاگردن احتجاج ڪندي پرنسپال جو گهيراءُ ڪري ورتو ۽ سندس جي ڪار تي ڏنڊن ۽ سروٽن سان حملو ڪري سندس ڪار جا شيشا ٽوڙي تباهه ڪري ڇڏيو واقعي جي اطلاع تي مختيارڪار ڪنگري ۽ پيرڳوٺ پوليس پهچي وئي پر شاگرد ان کان اڳ فرار ٿي ويا، هوڏانهن پرنسپال جي گهيراءُ ڪري سندس ڪار تي حملي خلاف ڪاليج انتظاميه سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته بورڊ آفيس جي عملدارن شاگردن کان موبائيل کسڻ جي سزا اسان ڇو ڀوڳي رهيا آهيون ان ڏس ۾ پروفيسر عبدالخالق جتوئي ۽ پروفيسر ايسوسيئشن جي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري برڪت ڪانهر سخت احتجاج ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته بورڊ انتظاميه سکر تدارڪ نه ڪيو ته پوري سنڌ اندر امتحان جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button