پاڪستان ۽ ترڪي پاران هڪ معاهدي، مفاهمت جي 5 ياداشتن ۽ ٻن پروٽوڪولن تي صحيحون
اسلام آباد; پاڪستان ۽ ترڪي هتي ڪالهه اڱاري ڏينهن هڪ معاهدي، مفاهمت جي 5 ياداشتن ۽ ٻن پروٽوڪولن تي صحيحون ڪيون آهن. صحيحن واري تقريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ترڪ وزيراعظم رجب طيب ايردوان به شرڪت ڪئي. سيڙپڪاري جي فروغ ۽ تحفظ بابت معاهدي تي ترڪيءَ جي معيشت واري وزير ظفر ڪاگليان ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين سليم ايڇ مانڊوي والا، البراڪ هولڊنگ ۽ بلديه ڪراچي جي وچ ۾ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ بابت مفاهمت جي ياداشت تي البراڪ هولڊنگ جي نوري البراڪ ۽ ڪراچي ايڊمنسٽريٽر حامد حسين سيد، آرڪائيوز جي شعبي ۾ تعاون جي پروٽوڪول تي ترڪيءَ جي سرڪاري آرڪائيوز جي ڊائريڪٽر اوگرا ونال ۽ ڊائريڪٽر نيشنل آرڪائيوز پاڪستان حبيب احمد خان، ميٽوٽيڪ ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪنو پولز قائم ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي ترڪيءَ جي ميٽو ٽيڪنو پولز جي ڊپٽي جنرل مئنيجر آفاق باطم ۽ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي، جمهوريه ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ شهرين جي آبادڪاري جي مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشت تي ترڪيءَ جي سفير مصطفيٰ بابر حزلان ۽ هائوسنگ ۽ تعميرات جي سيڪريٽري ڪامران لاشاري، ترڪيءَ جي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري وزارت ۽ پاڪستان جي مواصلات واري وزارت جي وچ ۾ عالمي روڊ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ مفاهمت جي ياداشت تي ترڪيءَ جي ٽرانسپورٽ جي وزير ميري ٽائيم معاملن ۽ مواصلات واري وزير بينالي يلدرم ۽ مواصلات جي وفاقي وزير ڊاڪٽر ارباب عالمگير، قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي ترڪيءَ جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن جي وزير ڪانسريلديز ۽ پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير سيد نويد قمر، گڏيل وزارتي ڪميشن جي پروٽوڪول تي ترڪيءَ جي ماحوليات ۽ شهري آبادڪاي جي وزير ايردوان باراڪتار ۽ واپار واري وفاقي وزير مخدوم امين فهيم، جڏهن ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اعليٰ سطحي تعاون ڪائونسل جي گڏيل پڌرنامي تي ترڪيءَ جي وزيراعظم رجب طيب ايردوان ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني صحيحون ڪيون.
اي پي پي