پاڪستان جي رياست سمورا واعدا ٽوڙيا آهن، عبدالخالق جوڻيجو
سکر(بيورورپورٽ) جيئي سنڌ محاذ طرفان قومي حق اراديت لاءِ هڪ وڏي ريلي سکر ۾ ڪڍي ويئي. تير چوڪ کان شروع ٿيندڙ ريلي گهنٽا گهر وٽ جلسي ۾ تبديل ٿي ويئي. جنهن کي جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن کان علاوه سنڌ پروگريسو ڪميٽيءَ جي ليڊرن پڻ خطاب ڪيو. ريليءَ ۾ سياسي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن، سماجي ورڪرن ۽ عام ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريليءَ ۾ شريڪ ماڻهون سنڌي ماڻهن لاءِ قومي حق اراديت جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا ۽ ريلي جي اڳيان مکيه بينر تي لکيل هو ته”اسان جي منزل آزادي، اسان جو رستو قومي حق خود اراديت“، ريلي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي چيو ته پاڪستان جي رياست سمورا واعدا ٽوڙيا آهن. ۽ سڀني معاهدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. انهن ۾ 0 4 9 1 جي قرار داد به شامل آهي. جنهن جي بنياد تي سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي 5 6 ساله حڪمراني دوران سنڌ جي مسئلن ۽ مصيبتن ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان واڌارو ٿيندو ٿو رهي. اسان جون نوڪريون ويون. اسان جي زمينن ۽ ڪارخانن تي قبضا ڪيا ويا، اسان جو پاڻي بند ڪيو ويو، اسان جا قدرتي وسيلا کسيا ويا، ڌارين ماڻهن کي آباد ڪيو ويو، ۽ هاڻي ڳالهه اتي پهتي آهي ته سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ٿين ٿيون. اها صورت حال ڪنهن به صورت ۾ سنڌي ماڻهن کي قبول ناهي. هن چيو ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان جي موجوده رياست ۾ نه رڳو سنڌ جا اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مفاد محفوظ ناهن پر اها رياست سنڌ جي قومي وحدت جي حفاظت ۾ پڻ ناڪام ويئي آهي، ان ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان رياست بابت سنڌي ماڻهن کان نيئن سر راءِ ورتي وڃي ۽ ان مقصد لاءِ عالمي طور تسليم ٿيل قومي حق خود اراديت استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. هن سنڌي ماڻهن کي به اپيل ڪئي ته اهي ٻن ويڪائو وڏيرن مان چونڊ ڪرڻ بجاءِ آزادي ۽ غلاميءَ مان چونڊ ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏين. نوڪريءَ بجاءِ مالڪيءَ جو انتخاب ڪن ۽ اهو صرف تڏهن ممڪن آهي جڏهن سنڌ آزاد ۽ خود مختيار هجي. هن چيو ته سنڌ جي تقسيم جي ڳالهه ڪندڙ ڪڏهن به پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا. جنهن قوم جون ڌيئر غزاله صديقي ۽ پٽ مظفر ڀٽي جهڙا هجن ان قوم کي ڪير شڪست نٿو ڏيئي سگهي. ريليءَ کي ڊاڪٽر برڪت جتوئي، هاشم کوسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.