وفاقي وزير جو پوليس آفيسر ۽ صحافي تي تشدد، چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل
سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه باءِ پاس تي پروٽوڪول ڏيندڙ ايس ايڇ او کي چماٽون وهائي ڪڍڻ بعد ٽي وي چئنل جي رپورٽر۽ڪيمرائين کي به چماٽو هڻڻ بعد ڪيسيٽ کسي ڇڏي ،واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪمون شهيد جي ڌرڻي جي تيارين جي سلسلي ۾صبح جو قافلن جي روانگي بابت وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه سکر باءِ پاس تي پهچي بيٺل ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪري رهيو هو ته ان دوان هڪ بس اڳ نڪري بيهي رهي وفاقي زير کي پروٽوڪول ڏيڻ لاءِ حد جي ٿاڻي ايئرپورٽ جو ايس ايڇ او عنايت الله سومرو پاران بس واري کي روڪيو ان دوران بس وارن جي شڪايت تي پڇڻ بنا وفاقي وزير ايس ايڇ او کي زوردار چماٽو وهائي ڪڍيون ۽ گهٽ وڌ ڳالهايو ان صورتحال جي هڪ ٽي وي چئنل سما جي ڪيمرامين ريڪارڊنگ ڪري ورتي ته وفاقي وزير ڪيمرامين احمد کي به چماٽون وهائي ڪڍيون ۽ ڪيمرا کسي ڪيسيٽ کسي ته رپورٽر رشيد رضا روڪيو ۽ کيس ڪوريج نه هلائڻ جي خاطري ڪرائي ته هن تي به وفاقي وزير الرون ڪيون ۽ ڪيمره ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي اهڙي واقعي بعد صحافين ۾ وفاقي وزير جي اهڙي ورتاءَ تي افسوس جو اظهار ڪندي صدر ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان ڏس ۾ انڊس يونين آف جرنلسٽ طرفان زمان باجوه، سرفراز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ صحافين ۽ ڪيمرامينن سکرنيشنل پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ۽ سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي صحافين پاران خورشيد شاهه جي رويي جي مذمت ڪندي چيو ته جمهوريت جي دعويدار ۽ پيپلزپارٽي جي ميمبر پارليمينٽ جمهوريت جون دهڄيون اڏارڻ ۾ مصروف آهن، هنن چيو ته ڪڏهن وحيده شاهه قانون هٿ ۾ کڻي ٿي ته ڪڏهن خورشيد شاهه پاران سرعام پوليس آفيسر ۽ صحافي کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو هنن چيو ته خورشيد شاهه پاران آزاد صحافت تي حملو ڪيو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته نجي ٽي ويءَ جي رپورٽر تي تشدد جي مذمت ڪندي صحافتي تنظيمن وفاقي وزير جي غير قانوني ۽ غير اخلاقي عمل تي اٿي کهڙا ٿيا آهن ۽ پر تشدد واقعن جي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هنن صدر ۽ چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کان پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه جي هٿان تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻجندڙ معطل پوليس آفيسر عنايت سومرو پاران سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صدر ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هن چيو ته جهڙي طرح وحيده شاهه ڪيس ۾ قانون جي بالادستي ڪئي وئي ساڳي نموني ڀريل مجمعي ۾ قانون ٽوڙڻ واري وفاقي وزير خلاف به ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هن چيو ته وفاقي وزير پاران پنهنجي ڪارڪنن کي خوش ڪرڻ لاءِ بلا جواز سٽي پوائنٽ تي وردي پهريل پوليس آفيسر تي تشدد ڪرڻ نه صرف محڪمي ۽ ورديءَ جي توهين ڪئي آهي پر ان جي ساک کي به نقصان پهتو آهي، متاثر پوليس آفيسر جو چوڻ هو ته پارليمينٽ ۾ قانون سازي ڪندڙ جڏهن پاڻ ئي روڊن تي قانون شڪني ڪندا ته ڏوهاري پيشه ماڻهن يا عوام قانون کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندو، بعد ۾ هو ايس ايس پي سکر سان ملاقات لاءِ هليو ويو.اطلاع آهن ته ايس ايس پي وفاقي وزير جي چوڻ تي ايس ايڇ او اي.پورٽ ٿاڻو عنايت سومرو کي معلطل ڪري ڇڏيو آهي