هاڻ عوام جون سوچون تبديل ٿي چڪيون آهن: سيد محمد راشد شاهه راشدي
پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) حرن جماعت جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري جي وڏي صاحبزادي فنڪشنل ليگ سنڌ جي صوبائي نائب صدر سيد محمد راشد شاهه راشدي چيو آهي ته هاڻ عوام جون سوچون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ عوام پير پاڳاري جي حق ۽ سچ واري ڏنل پيغام تي فنڪشنل مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيو آهي ۽ جلد اهڙي عوامي طاقت سان ملڪ ۽ قوم وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ٿيندي، هن اهڙو اظهار ڪارڪنن توڙي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي سيد محمد راشد شاهه راشدي چيو ته صوبائي وزير شازيه عطا مري جي ڀاءُ نواب اڪبر مري کي فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ تي آجيان ڪندي ڀليڪار چوان ٿو ۽ اڪبر مري تمام همت ڀريو شخص آهي اسين عوامي خدمتن ۾ اڪبر مري کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريون ٿا سيد محمد راشد شاهه وڌيڪ چيو ته تمام جلد سنڌ جون اهم ۽ معتبر سياسي ۽ روحاني شخصيتون فنڪشنل ليگ ۾ شموليت اختيار ڪنديون ۽ عوامي خدمتن وارو سلسلو اڃان به اڳڀرو ٿيندو، سيد محمد راشد شاهه راشدي وڌيڪ چيو ته عوامي سمنڊ سان آئنده بلدياتي توڙي عام چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ تاريخي سوڀ ماڻيندي.