نيٽو سپلاءِ جي بحالي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي;حنا رباني
اسلام آباد; پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته نيٽو سپلاءِ جي بحالي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ان جي پٺيان ڪو به ڳجهو معاهدو نه ڪيو ويو آهي، اڄ به خواهش آهي ته آمريڪا سلاله چيڪ پوسٽ حملي تي پاڪستان کان معافي وٺي، هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته صدر آصف زرداري کي شڪاگو ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ملڻ ان جو ثبوت آهي ته اڃا نيٽو جي سپلاءِ بحال ناهي ڪئي وئي، جيڪا پارليامينٽ جي قرارداد موجب بحال ڪئي ويندي. شڪاگو ڪانفرنس پاڪستان لاءِ اهميت رکي ٿي، نيٽو سپلاءِ بحال ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، نيٽو سپلاءِ جي بحالي کي رڳو آمريڪا سان لاڳاپن جي سلسلي ۾ نه ڏٺو وڃي، ڳالهيون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نيٽو سپلاءِ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، نيٽو سپلاءِ ۾ اسان هٿيار منتقل ڪرڻ نه ڏينداسين، حنا رباني کر چيو ته فوج اسان سان گڏ آهي، مخالف ڌر جا اعتراض بي بنياد آهن، اسان درست طرف وڃي رهيا آهيون،
الله نه ڪري ته پاڪستان جو ڪو ادارو دفاع پاڪستان ڪائونسل جي مدد ڪري، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، نيٽو سپلاءِ جي بحالي سان پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جا فنڊ ملندا، هن چيو ته اها غلط ڳالهه آهي ته آمريڪا سلاله چيڪ پوسٽ حملي تي معافي گهري رهيو هو، پر پاڪستان ان کان انڪار ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجي ملڪ کي پنهنجي شهرين جو محافظ بنائڻ چاهيون ٿا. پاڪ فوج جي قيادت پاران پارليامينٽ ۾ ڊرون جهاز ڪيرائڻ جي صلاحيت هئڻ بابت سوال تي حنا رباني چيو ته جيڪڏهن ڪو آمريڪي ڊرون ڪيرايو به وڃي ته ان کانپوءِ جي صورتحال جو ڪير ذميوار هوندو، ڊرون حملا روڪرائڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، عالمي برادري ۾ پاڪستان کي اڪيلو ناهي ڇڏڻو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ