سکر

نيٽو سپلاءِ جي بحالي قوم جي بدحالي ثابت ٿيندي: خالد محمود سومرو

KhalidSoomro12سکر(بيورورپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته نيٽو سپلاءِ جي بحالي قوم جي بدحالي ثابت ٿيندي، بحالي جي خلاف قوم اسلام آباد جي طرف مارچ ڪندي، حڪمرانن جو يوم حساب ويجهو اچي رهيو آهي، حڪومت جو احتساب عوام ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار جي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ محمد اعظم مهر جي مدرسه بعت المصور عثمانيه پراڻي سکر ۾ ڪيو، هن چيو ته ملڪ هن وقت نازڪ ترين دور مان گذري رهيو آهي، اسان جا حڪمران آمريڪي خودشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي اڳتي نڪري چڪا آهن، آمريڪا افغانستان ۾ جنگ هارائي چڪو آهي ۽ نڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، اسان جا حڪمران آمريڪي پاليسين تي عمل ڪري ملڪ کي بجلي، گيس، پيٽرول، ڊيزل ۽ مهانگائي جي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت جي آمريڪي پاليسي تي عمل ڪري 8 9 ارب ڊالرن جو نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر ملڪ جي عوام تي پئجي رهيو آهي، هن چيو ته ڊرون حملن ۾ 0 5 هزار کان وڌيڪ بيگناه شهري عورتون، ٻار، پوڙها شهيد ٿي چڪا آهن، ڪراچي جون حالتون عوام ۽ ملڪي معيشيت تي منفي اثر وجهي رهيون آهن، شهر ۾ لاشون ڪرڻ حڪومت جي ناڪامي آهي، ڪراچي سنڌ جو دل آهي، الڳ ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻائي ڇڏينداسين، هن چيو ته قوم حڪمرانن مان بيزار ٿي چڪي آهي ۽ عوام حڪومت کان حساب وٺي، جلد اليڪشن جو اعلان ڪري، جيڪڏهن چونڊن جو جلد اعلان نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ انقلاب ايندو ۽ صرف جي يو آءِ ئي هن ملڪ ۾ انقلاب آڻيندي ملڪ جو عوام مولانا فضل الرحمان جو ڀرپور ساٿ ڏيندو ان موقعي تي جي ٽي آءِ سنڌ جو اڳواڻ محمد اعظم مهر، منير احمد ميراڻي، مولانا عبدالحق مهر، رفيق احمد توحيدي، مولانا مصرور احمد شيخ، راجا خان مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button