اسلام آباد
نون صوبن سان ملڪ ٽٽي ويندو;نواز ليگ
اسلام آباد؛ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته 18هين ترميم جي ڪميٽي ۾ چيو ويو هو ته صوبن جو معاملو وڏو بارود آهي، ان کي نه ڇيڙيو وڃي، ان سان ملڪ ٽٽي ويندو، پر تنهن هوندي به پ پ حڪومت نون صوبن جي معاملي کي اڀاريو. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي ٽن صوبن ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، صدر، وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر به پ پ جي آهي. ان هوندي به ملڪ ۾ افراتفري واري صورتحال تي ڪنٽرول نه پيو ڪيو وڃي ۽ حڪومت تماشو ڏسي رهي آهي. احسن اقبال چيو ته پ پ جو مقصد ڪنهن به صورت ۾ اقتدار بچائڻ آهي، ان لاءِ منافقن کي ڳلي لڳائڻ لاءِ تيار آهي.