نوان صوبا …. قوم متحد، ملڪ مضبوط
ليکڪ: قاسم علي
تاريخ ۾ اھڙا تمام گھٽ خوش نصيب ھوندا آھن جيڪي ڪنھن بھ ملڪ يا قوم جي سڃاڻپ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. اھڙا ماڻھو صدين ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ رھندڙ دنيا تائين سندن نالو ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن ڏيئو ھوندو آھي. پاڪستان کي وجود ۾ ايندي 46 سال ٿي ويا آھن پر اڄ بھ باني پاڪستان جو نالو ھر ٻار، پوڙھي، جوان ۽ بزرگ کي ياد آھي ۽ اھو سلسلو ھميشھ قائم رھندو. اھڙي طرح مقامي طور تي جيڪو بھ شخص پنھنجي علائقي، قوم يا مذھب جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي ٿو اھو بھ عوام جي نظرن ۾ وڏي اھميت رکي ٿو. پاڪستان ۾ وڏي عرصي کان مختلف علائقن ۾ پنھنجي حقن جي لاءِ ڪافي ماڻھو جاکوڙي رھيا ھئا، انھن ۾ ڪيترائي ماڻھو ھاڻي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا آھن پر ھاڻي بھ سندن نالا وٺندڙ سندن ياد ۾ ڏيئا روشن ڪن ٿا
۽ ھر سال ورسي ملھائي کين ڀيٽا ڏين ٿا تھ جيئن نئون نسل سندن جدوجھد ۽ قربانين مان روشناس ٿي سگھي. قيام پاڪستان جي جدوجھد ۾ برصغير جي سمورن مسلمانن اڳتي وڌي حصو ورتو ھو ۽ ان عزم جو اظھار ڪيو ھو تھ جڏھن ھي نئون وطن وجود ۾ ايندو تھ سڀني کي برابر جا حق ملندا ۽ ترقي جا موقعا بھ ھڪجھڙائي ھوندا پر بدقسمتي سان ائين نھ ٿي سگھيو ۽ ابتدائي چند سالن جي دوران ئي سياسي بحران پيدا ٿيڻ لڳو ۽ آخرڪار 8591ع ۾ جنرل ايوب خان ملڪ ۾ پھرين مارشل لا لڳائي ڇڏي ۽ ائين جمھوريت ھن نئين وجود ۾ آيل ملڪ مان رخصت ٿي وئي. 11 سالن تائين ان مارشل لا جي بدولت صوبن ۽ قومن جي وچ ۾ اختلاف جنم وٺڻ لڳا ۽ سندن وچ ۾ بدگمانيون وڌڻ لڳيون جن جي ڪري دوستي جا رشتا دشمني ۾ بدلجي ويا، محبت جي جاءِ نفرت وٺي ڇڏي ۽ بدگمانيون ايتري حد تائين وڌي ويون جو ھڪٻئي جي زبان ۽ رھڻ سھڻ تي بھ کلي عام تنقيد ٿيڻ لڳي، جنھن جي ڪري ٻھ ڀائر ھڪٻئي کان ايتري قدر ناراض ٿي ويا جو ھڪ پنھنجي دشمن کان سرعام مدد گھري ورتي ۽ پوءِ ھڪ اھڙو جسم ٻن ٽڪرن ۾ ونڊجي ويو جيڪو ھاڻي شايد ئي گڏ ٿي سگھي، ڇوتھ تلوار جو زخم ڀرجي وڃي ٿو پر زباني گھائو ڪڏھن بھ ناھي ڀربو.
انھن سمورين حقيقتن کي لکڻ جو مقصد اھو آھي تھ اسان ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪريون ۽ مستقبل جي لاءِ اھڙي پلاننگ ڪريون تھ جيئن اسان پاڻ ۾ امن امان ۽ سڪون سان رھي سگھون. 1791ع ۾ ٻئي ڊڪٽيٽر جنرل يحيٰ خان ايل ايف او جي ذريعي ون يونٽ قائم ڪيو ۽ صوبن جي الڳ حيثيت جو خاتمو ڪري ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي
۽ اقتدار تي ھڪ وڏي صوبي پنجاب جو غلبو ھجڻ جو الزام لڳايو ويو، جنھن ۾ وڏي حد تائين حقيقت بھ ھئي ڇوتھ پنجاب پنھنجي تعليم، ايراضي ۽ حيثيت سان ٻين صوبن سرحد (اب خيبر پختونخواھھ)، بلوچستان ۽ سنڌ کان ڪافي بھتر حالت ۾ ھو، ان جي لاءِ فوج ۽ بيورو ڪريسي ۾ ٻين صوبن جي حيثيت عددي برتري ھئي. ناداني ۾ ان زميني حقيقت کي نھ سمجھندي ٻين صوبن جا ڪجھھ رھنماءَ ۽ عوام اھا ڳالھھ وڏي واڪي ڪندا ھئا تھ سندن حق پنجاب لتاڙيا آھن، حالانڪھ پنجاب جو غريب ھاري، موچي، دڪاندار، سبزي کپائيندڙ ۽ ريڙھي ھڻندڙ بھ ھتان جي جاگيردار وڏيري ۽ سرمائيدار جي ظلم مان تنگ آيل ھو، پر جھڙي ريت چيو وڃي ٿو تھ سُڪن سان ساوا بھ ٻري وڃن ٿا ان جي لاءِ خرابي پيدا ڪندڙ تھ مزي ۾ ھئا پر الزام ويچاري پنجاب تي لڳي پيو. ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن نھ سوچو ۽ نھ ئي ڪو شخص يا پارٽي ايڏو وڏو قدم کڻڻ لاءِ تيار ھئي. ائين نھ ڪرڻ ۾ بھ استحصال ڪندڙ طبقي کي پنھنجو نقصان نظر ايندو ھو، پر ان کي قدرت جو ڪرشمو چئجي يا موجودھھ حڪومت جي سربراھھ آصف علي زرداري ۽ بنا مقابلي چونڊيل وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي سياسي بصيرت جو ھنن بغير ڪنھن ويڙھھ، جھڳڙي جي ايترا خوبصورت تاش جا پتا کيڏيا آھن جو ماضي ۾ پنجاب جي ورھاٽي جي مخالفت ڪندڙ بھ ھاڻي انھن سان ھم آواز ٿي ويا آھن، چاھي ان جا سبب ڪجھھ بھ ھجن پر صدر آصف علي زرداري پنجاب تي اھو وڏو احسان ڪيو آھي تھ ھاڻي پنجاب بھ ٻين صوبن جي برابر ايراضي ۽ آبادي وارو صوبو بڻجي ويندو ۽ پوءِ ڪو شخص يا گروھھ گھٽ ۾ گھٽ پنجاب کي ڪنھن خرابي يا برائي جو ذميدار قرار نھ ڏئي سگھندو. سادن لفظن ۾ اھو چئي سگھجي ٿو تھ پيپلزپارٽي جي حڪومت وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي اڳواڻي ۾ ڏکڻ پنجاب جي پوئتي پيل ۽ غريب عوام جي حالت کي بدلڻ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا آھن، ان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ ھاڻي ھن خطي جو عوام بھ ٻين صوبن وانگر ترقياتي فنڊ جو حقدار ھوندو ۽ پنھنجي حڪومت ۽ مقامي رھنمائي جي زور تي قومي ترقيءَ ۾ اڳتي وڌي ڪري حصو وٺندو. قوم کي مبارڪ ھجي جو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ نفرت جي پوکيل ٻج کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سياسي ۽ آئيني طريقيڪار اختيار ڪيو آھي ۽ پاڪستان دشمنن جي چال ناڪام بڻائيندي قوم کي متحد ۽ ملڪ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ٺوس بنياد فراھم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تي ھي ٻئي قومي رھنماءَ بھ مبارڪن جا مستحق آھن…