نادرا طرفان 28 مئي کان موبائل رجسٽريشن وينز ھلايو وينديون
خيرپور : ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايم آر ويز) نادرا ريجنل هـيڊ ڪواٽر سکر شفيق احمد آرائين ڄاڻايوآهي ته خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن اندر مختلف يونين ڪائونسلن جي ماڻھن کي سندن مقامي علائقن ۾ قومي شناختي ڪارڊ جي فراھمي واسطي 28 مئي کان 08 جون 2012 تائين موبائيل رجسٽريشن وينز ھلايون پيون وڃن جنھن مطابق خيرپور ڪنگري تعلقن جي عوام ۾ اھا سھولت فراھم ڪري ڏيڻ لاء موبائيل وين نمبر 14 کي ھلايو پيو وڃي جنھن جي انچارج سان موبائل فون نمبر 03433991330 تي رابطو ڪري سگھجي ٿو. گمبٽ سوڀوديرو تعلقن جي يوسيز ۾ موبائل نمبر 20 ھلائي ويندي جنھن جي انچارج سان هن موبائيل نمبر 03339317772 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. جڏھن ته تعلقي ٺري ميرواھ جي يوسيز محسن شاھ ميھر ويسر ۾ موبائيل وين نمبر 21 کي اھڙين ذميوارين جي نڀائڻ لا مقرر ڪيو ويو آھي ۽ انھي وين جي انچارج ان رابطي خاطر موبائيل فون نمبر 03002662987 تي رابطو ڪري سگھجي ٿو.