مھاجر صوبو جو ڊرامو ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ جا ڪير ذميوار؟.
مختيار ميراڻي
22 مئي تي سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي عاشقن "محبت سنڌ” ريلي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ، ڪراچي سٽي الائينس جي اڳواڻ سردار عذير جان بلوچ، ظفر بلوچ ۽ بلوچستان قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر حئي بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ ھڪ پرامن ريلي لياريءَ کان ڪڍي وئي، جنھن مٿان سنڌ جي ازلي ويرين ۽ دشمنن کلي عام دھشتگردي ڪندي جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، جنھن جي نتيجي ۾ عوامي تحريڪ جون، سنڌياڻي تحريڪ جون نياڻيون آمنھ، غزالا صديقي ۽ ٻيا 13 ڄڻا شھادت تي پھتا، جڏھن تھ 50 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي ويا، پرامن احتجاجي ريلي جيڪا پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پريس ڪلب ڪراچي ڏانھن وڌي رھي ھئي تھ رستي ۾ ئي گولين جو کاڄ بڻايو ويو ۽ ھر طرف دھشتگردن بلڊنگن ۽ گھٽين کان ھٿيارن جا منھن کوليا، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ سان محبت ۽ عشق ڪندڙ ھزارين مردن ۽ عورتن پنھنجي سنڌ امڙ جا نعرا پئي ھنيا ۽ انھيءَ پرامن احتجاجي ريليءَ ۾ سڀني جو سنڌ سان محبت جو اظھار کليل نظر آيو، ھر طرف جيئي سنڌ جا نعرا ۽ ڌرتيءَ جي جياپي لاءِ چوٻول ھئا، پر ناسمجھھ، نااھل دھشتگرد ٽولن ڪراچيءَ کي سنڌي ماڻھن جي آمد لاءِ رستا بند ڪرڻ جي لاءِ 12 مئي 2007ع واري روايت کي قائم ڪندي ڏاڍ مڙسي ڪندي ٽوپي ۽ اجرڪ وارن مٿان ڪراچيءَ جي مٿان ڏاڍ ۽ ڏمر بڻيل ڌرين وري ھڪ دفعو سنڌ جي ماڻھن کي انھيءَ طرف مائل ڪيو تھ سنڌ جيڪا ھڪ مقدس ڌرتي آھي، انھيءَ ڌرتي سان سنڌي ماڻھو ڪنھن بھ صورت ۾ ھٿ چراند قبول نھ ڪندا ۽ سنڌ جو ورھاڱو سنڌي ماڻھو ڪنھن کي خواب ۾ بھ ورھائڻ جي اجازت نھ ڏيندا،
ڇاڪاڻ تھ سنڌ ھڪ مقدس سر زمين آھي، جتي صوفين، درويشن جا قدم آھن، جيڪڏھن اھڙي طريقي سان ئي سنڌي ماڻھن جا ڪراچيءَ جي روڊن، رستن تي گولين سان استقبال ڪيا ويندا تھ پوءِ يقينن سنڌ جو ماڻھو سوچڻ تي مجبور ٿيندو تھ ھي ڪھڙيون ڌريون ۽ ٽولا آھن، جيڪي پنھنجي ڌرتي جي مالڪن ۽ وارثن کي ڪراچي اچڻ تي جديد ھٿيارن سان آجيان ڪئي وڃي ٿي، شايد انھن عقل جي انڌن کي اھا سڌ نھ آھي تھ سنڌي ماڻھو ستل ضرور آھن، پر جيڪڏھن اھي جاڳي پيا تھ اھي پنھنجا شھر ۽ ماڳ مڪان سنڌ جي نعرن سان گونجائي سگھن ٿا، افسوس انھن حڪمرانن کي آھي جيڪي سنڌي قوم جي ووٽن سان اچي اقتدار ڌڻي پھتا آھن ۽ اھي اسلام آباد توڙي ڪراچيءَ ۾ حڪومت جا مزا ماڻي اقتدار کي ڊيگھھ ڏيڻ لاءِ مفاھمت جي ڊونگھ کي اڳتي وڌائيندي بار بار سنڌ کي وڪرو ڪرڻ لاءِ جيڪي پلاننگ ۽ منصوبابندي جوڙي وڃي ٿي، اھا سنڌي قوم جي عمل خلاف آھي، ڇاڪاڻ تھ سنڌ ڪنھن بھ صورت ۾ پنھنجي صوبي جي ورھاست قبول نھ ڪندي ۽ سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتي ماءُ سان محبت ڪري ٿو ۽ قوم ھر صورت ۾ ورھاڱي کي گار ۽ گناھھ سمجھي ٿي، جيڪڏھن انھيءَ ڪبيرا گناھھ ۾ ڪوبھ اڳيان اچي ٿو تھ اھو سنڌ جو ويري ئي چئي سگھجي ٿو، ڀلي ڪير ھيلا وسيلا، چاڪنگ، پمفليٽ، نقشا، بينر ۽ ٻيا ڊراما ڪن ۽ اھي ياد ڪن تھ سرائيڪي صوبي ۽ بھاول صوبي جو ٻيو معاملو آھي، پر سنڌ مقدس سر زمين جو معاملو ئي الڳ آھي ۽ سنڌي قوم ڪراچيءَ کان بغير پاڻ کي اڌوري ٿي سمجھي ۽ سنڌ جا ماڻھو سنڌ جي جياپي کي پنھنجو جياپو سمجھن ٿا، جيڪڏھن ڪي حاسد، بزدل ۽ ڪانير رات جي انڌيري ۾ جيڪڏھن پمفليٽ، نقشا ۽ چاڪنگ ڪري سنڌ ۾ وڌيڪ نفرت آڻڻ چاھين ٿا تھ اھا ملڪ دشمني آھي ۽ جيڪو ملڪ جو غدار آھي، انھيءَ لاءِ حڪومت اپاءَ ضرور وٺي، ڇاڪاڻ تھ اھي نھ صرف سنڌي کي ٽوڙڻ جي ڳالھھ ڪري رھيا آھن، پر اھي پاڪستان جي مضبوطي ۽ استحڪام کي ٽوڙي رھيا ؛ھن ۽ سنڌ ۾ لساني فسادات ڪرائڻ لاءِ اھا منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏھن ڪنھن مھاجر صوبي جي مطالبي ڪرڻ واري کي سنڌ ۾ سڪون ۽ راحت نصيب نھ ٿي ٿئي تھ اھو ڀلي وڃي پنھنجي يوپي ۽ سي پي ۾ رھائش اختيار ڪري، ان ۾ ڪنھن بھ کي ڪوبھ اعتراض نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ھتان لڏ پلاڻ ڪري ويندڙ ماڻھن ھندستان ڪا بھ اتي صوبي ٺاھڻ جي ڳالھھ نھ ڪئي آھي، پر ھنن ماڻھن ھتي لڏپلاڻ ڪري سنڌ وارن جو سڪون برباد ڪري جيڪا بيچيني آندي آھي، اھا سڄي ملڪ لاءِ ھاڃيڪار آھي ۽ ملڪ جي لاءِ وڌ ۾ وڌ نقصانڪار محسوس ٿي رھيآھي، ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ سنڌ جي ماڻھن کي ئي اڳ ۾ احساس محرومي آھي، ويتر ھي ڊرامو مھاجر صوبي وارو نئون اسان جي مٿان ميڙڻ جي سازش ناڪام بڻائي وڃي، نھ تھ سنڌي قوم ان کي جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿي.
[email protected]