پير جو ڳوٺ

مڙس جي تشدد کان تنگ ناري دارالامان حوالي

Arifa Sahitoپير جو ڳوٺ (رپورٽر) احمدپور ٿاڻي تي مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي پناهه لاءِ پهتل ناري عدالت ۾ پيش، دارالامان حوالي، رپورٽ موجب، 2ڏينهن اڳ مڙس جي تشدد کان تنگ اچي احمدپور ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهتل ڳوٺ ميان خان واسڻ نوجوان ناري عارفه زال گلشير سهتو کي ڪالهه احمدپور پوليس سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ناري جو بيان ٻڌڻ بعد کيس مرضي موجب سکر دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد عدالتي حڪم تي احمدپور پوليس ڄاڻايل ناري کي سکر دارالامان موڪلي ڇڏيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button