لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻي ۾ ھزارين ماڻھن جي محبت سنڌ ريلي، جيستائين سسيءَ ۾ ساھ آھي سنڌ ٽوڙڻ نه ڏينداسين:اياز لطيف پليجو

Muhabbat Sindh rallyلاڙڪاڻو:لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ طرفان سنڌ ماءُ سان محبت جو اظھار ڪرڻ لاءِ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل ريليءَ ۾ ھزارين ڌرتي ڌڻي گھرن کان ٻاھر نڪري آيا ريليءَ ۾ شامل، ھر طرف ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جي نعرن جي گونج،ماڻھن جو نڪتل سمنڊ سڄي شھر جو گشت ڪيو،ڌرتيءَ جي عشق ۾ ڪراچيءَ کان لياري واسي به ريليءَ ۾ شامل ٿيا.شھر جي سڪيورٽي انتهائي سخت،وڏين بلڊنگن،مک چونڪن،روڊن تي وڏي تعداد ۾ رينجرس ۽ پوليس مقرر ،ريليءَ ۾ ڌرتي ڌڻين سنڌ جي تقسيم خلاف آخري رت جي ڦڙي تائين جدوجھد ڪرڻ جو اعلان.
تفصيل موجب عوامي تحريڪ طرفان ڪراچيءَ کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ به سنڌ سان محبت ۽ سنڌ جي تقسيم خلاف محبت سنڌ ريلي شيخ زيد موڙ کان عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪڍي وئي جنهن ۾ ھزارين ڌرتي ڌڻي ريليءَ ۾ شريڪ ٿيا،جڏھن ته ڪراچيءَ جي لياريءَ مان وطن سان محبت جو اظھار ڪرڻ لاءِ قافلا پڻ ريليءَ ۾ شامل ٿيا جن جي ھٿن ۾ عذير بلوچ جون تصويرون ھيون. جڏھن ته لاڙڪاڻي شھر جا سمورا ڪاروبار مرڪز بند ڪري واپارين پڻ محبت جو اظھار ڪرڻ لاءِ ريليءَ ۾ شرڪت ڪئي،شيخ زيد موڙ کان نڪتل ريليءَ ۾ ماڻھن جو سمنڊ شھر جي مختلف علائقن لاھوري محلھ،المرتضيٰ ھائوس،بئنڪ اسڪوائر،بندر روڊ،پاڪستاني چونڪ کان ٿيندي جناح باغ چونڪ تي پھتي جتي ھزارين ماڻھن ڌرڻو ھنيو،جڏھن ته ڌرتيءَ جا عاشق عورتون توڙي ٻارڙا پنهنجي گھرن جي ڇتن تي چڙھي نعرا ھڻندا رھيا ” مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ ”اي سنڌ تون تان ھزارين جانيون قربان“ جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندا رھيا،جذباتي ڪارڪنن پاران پنهنجي جسم تي جھنڊا اوڙي پھتا،جڏھن ته ريليءَ ۾ مختلف جسقم،جسمم،ايس ٽي پي،ايس اين پي،ايس يو پي،نواز ليگ،پاڪستان تحريڪ انصاف سميت ٻيون شاگرد جماعتون توڙي عام شھري وڏي تعداد ۾ ريليءَ ۾ شامل ٿي محبت جو اظھار ڪيو.ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا حڪمران ڪراچيءَ ۾ محبت سنڌ ريليءَ ۾ شھيد ٿيل جي تڏن تي وڃي سندن وارثن کان معافي وٺن،ڪراچيءَ ۾ ڌرتي ڌڻين مٿان ٿيل فائرنگ موجودھ حڪومت جي ناڪامي آھي،موجودھ حڪومت مفاھمت جي نالي تي سنڌ کي وڪڻي ڇڏيو آھي،ھن چيو ته رحمان ملڪ محبت سنڌ ريليءَ بابت غير پارلياماني ٻولي ڳالھائي آھي جنهن کي سنڌي ڪڏھن به معاف نه ڪندا،ھن چيو ته سنڌ ۾ اردو ڳالھائيندڙ ،پٺاڻ توڙي بلوچ اسان جا ڀائر آھن سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به پنهنجي سنڌ جو ورھاٽو برداشت نه ڪندا،اسان جي موجودھ جدوجھد سنڌ سان محبت جو اظھار آھي،ھن چيو ته قمر الزمان قائرھ ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ بيان ڏئي سنڌين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو آھي ۽ سنڌ دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو آھي پيپلز پارٽي ھاڻي سنڌ دشمني تي لھي پئي آھي جيڪو سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به برداشت نه ڪندا،ھن چيو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو نه ٿو چاھي ته سنڌ جي تقسيم ٿئي ۽ سنڌي ڪڏھن به ماءُ مٿان ٿيندڙ وار برداشت نه ڪندا.جيسين سسيءَ ۾ ساھھ آھي سنڌ کي ڪير به ٽڪرا نه ٿو ڪري سگھي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button